افغانستان هاڻي ڪنهن جو قبرستان بڻبو؟

0
509

آميريڪا ڪالھه ڀنڀ اوندھه ۾ ننگرهار تي ڊرون حملو ڪري ڪابل حملي جي منصوبا بندي ڪندڙ داعش دهشتگرد جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. اها پڻ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته حملي ۾ ڪنهن به شهري کي ڪا لهس نه آئي آهي. ننگرهار ۽ ڪنڙ داعش جا ڳڙھه بنجي چڪا آهن جيڪي پرڏيهي طاقتن سان گڏوگڏ طالبان جي به خلاف آهن. طالبان افغانستان تي قبضي بعد جيل ٽوڙي سمورن قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو هو پر داعش سان واسطو رکندڙ 9 قيدين کي ماريو هو. عالمي سطح تي عرب جنگجوئن جي تنظيم يمن، شام ۽ عراق ۾ وڙهڻ بعد پهريون دفعو غير عرب ملڪ ۾ به وڙهي رهي آهي. صدر جو بائيڊن ڪابل هوائي اڏي تي خميس ڏينهن دهشتگرد حملي بعد اعلان ڪيو هو ته ان حملي ۾ ملوث داعش دهشتگرد کي ڌرتي تي زنده رهڻ نه ڏبو. ايئن ويهن سالن بعد آميريڪي ۽ اتحادي فوجن جي افغانستان مان نڪرڻ باوجود علائقي جي صورتحال هر وقت تبديل ٿي رهي آهي ۽ ڪنهن ڳالھه جي يقين سان اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل آهي. خميس ڏينهن ڪابل هوائي اڏي تي دهشت گرد حملي ۾ 170 افغان ۽ 13 آميريڪي فوجي مري چڪا آهن. اهو به چيو پيو وڃي ته مري ويندڙن ۾ 25 طالبان به شامل آهن پر طالبان انجي ترديد ڪئي آهي.

ان خودڪش حملي بابت داعش ذميداري قبول ڪئي هئي. آميريڪا هڪ ٻئي حملي جو خدشو ظاهر ڪندي پنهنجن شهرين کي فورن ڪابل هوائي اڏي جي داخلا دروازن کي خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڇنڇر جي ڊرون حملي مان اها ڳالھه واضح آهي ته آميريڪا افغانستان ۾ طالبان سان معاهدي تحت دهشتگردي کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جي مدد سان حملا ڪندو رهندو ۽ طالبان جي گهڻ نسلي حڪومت ٺاهڻ ۾ ناڪامي جي صورت ۾ سندس مخالف ۽ ناراض عنصرن جي شموليت سبب داعش وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي ٿي. ٻئي طرف افغانستان ۾ اڃان تائين طالبان جي حڪومت نه ٺهڻ ۽ عالمي پابندين سبب معاشي بحران جو خدشو آهي ڇوته هتان جي معيشت جو گهڻو دارومدار پرڏيهي امداد تي آهي. عالمي بينڪ، آئي ايم ايف، آميريڪا ۽ يورپين يونين جي افغانستان جي پرڏيهي ذخيرن کي منجمند ڪرڻ ۽ امداد معطل ڪرڻ سبب صورتحال وڌيڪ گنڀير ٿي رهي آهي. بينڪون اڃان تائين بند آهن ڇو ته اسٽيٽ بينڪ بند هئڻ سبب کين ڪرنسي نه پئي ملي ۽ اي ٽي ايم توڙي ماڻهن جا کيسا خالي ٿي چڪا آهن. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جي ڀاڄ بعد طالبان حاجي ادريس کي اسٽيٽ بينڪ جو گورنر مقرر ڪيو آهي جيڪو هٿ پير هڻي رهيو آهي.

آميريڪا ۽ يورپين يونين جي ملڪن افغانستان جي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جاري رکڻ جو اعلان ڪندي اهو به چيو آهي ته اها امداد طالبان جي هٿن ۾ وڃڻ نه ڏبي جنهن جو مطلب اهو آهي ته اها غير سرڪاري تنظيمن جي وسيلي ورهائي ويندي.
پامير ۽ هندوڪش جي ڊگهن ۽ اوچن پهاڙن وچ۾ محفوظ افغانستان تراخڙي ٿالھه جيان اوائلي انڊيا، وچ ايشيا ۽ فارس وچ۾ چوراهي تي موجود رهندو آيو آهي ۽ هاڻوڪي پاڪستان، ايران، چين، ترڪمانستان، ازبڪستان ۽ تاجڪستان وچ۾ مک لنگھه هئڻ سبب سڪندر اعظم، سائرس اعظم، چنگيز خان، مغلن، انگريزن، روسين ۽ آميريڪين جي حملن هيٺ ايندو رهيو آهي. پر تاريخ ثابت ڪيو آهي ته اهو عالمي طاقتن جو قبرستان ثابت ٿيو آهي. انگريز روسي زارن جي وڌندڙ طاقت سبب کانئن خائف هئا ۽ فقط ڪجھه وقت 19 صدي جي شروع ۾ ٻئي اتحادي رهيا جڏهن سندن گڏيل دشمن نيپولين بوناپارٽ روس تي ڪاهي آيو. ان ئي زماني ۾ 1816ع کان افغانستان سول وار جو شڪار رهيو ۽ ڏهن سالن جي گهرو ويڙھه بعد دوست محمد خان بارڪزئي کي تخت تي ويهاريو ويو.انگريزن تي روس جو اهو خوف سدائين قائم رهيو ۽ 1839ع کان 1919ع تائين 80 سالن ۾ انگريزن افغانستان سان ٽي جنگيون ڪيون ڇو ته افغانستان جا روس سان مضبوط لاڳاپا هئا جنهن ڪري هو خائف هئا ته روس سندن وسيع ڪالوني انڊيا تي نه حملو ڪري ڏئي. پهرين انگريز-افغان جنگ ۾ سندن فوجون ٽالپرن سان معاهدي تحت سمنڊ رستي ڪيٽي بندر وٽان سنڌو ۾ داخل ٿي ان وسيلي آگبوٽن ۾ اڳتي وڌيون هيون ۽ جهرڪ جي بندر تي سندن فوجي ڇانوڻيِ هئي جيڪو ان وقت واپار جو مرڪز هو. آخر سنڌو جي ان لنگھه وسيلي سفر ڪندا انگريزفوج جنهن کي انڊس آرمي جو نالو ڏنوويو هو اپريل 1939ع ۾ قنڌار ۾ داخل ٿي ۽ آگسٽ ۾ گورنر جنرل لارڊ آڪلينڊ شاھه شجاع کي تخت تي ويهارڻ جو فيصلو ڪيو ڇو ته دوست محمد خان روس جي ويجهو هو.

شاھه شجاع جيڪو اٽڪ جي قلعي ۾ قيد هو جلاوطني ختم ڪري واپس تخت تي ويٺو. ايئن افغانستان سدائين هڪ پاسي روس ته ٻئي پاسي انگريزن وچ۾ خطرن ۾ گهيريل رهيو.پر افغان گهرو ويڙھه دوران پنهنجي جنگي حرفتن جا تير تيز ڪري چڪا هئا ۽ مختلف قبيلن ۽ خود قبيلن اندر تضادن سبب ڳوٺ ڳوٺ ۽ گهر گهر ۾ مورچا يا قلعا ٺهي چڪا هئا ۽ پهرين ٻاهرين حملي آوارن ۽ بعد ۾ مڪاني جهڳڙن سبب هو جنگي ماهر بنجي چڪا هئا. انڪري هنن نه انگريزن کي قبول ڪيو ۽ نه ئي شاھه شجاع کي.دوست محمد خان ته بلخ ۽ بخارا ڀڄي ويو جتي هو گرفتار ٿي جيل ۾ قيد ڪيو ويو پر هو جيل مان ڀڄي واپس انگريزن خلاف جنگ جي قيادت ڪرڻ ۾ لڳي ويو پر نومبر 1840ع ۾ سندس پلڙو ڳرو هئڻ باوجود هن انگريزن آڏو ڪابل ۾ هٿيار ڦٽي ڪيا ۽ کيس انڊيا ۾ جلاوطن ڪيو ويو. انگريزن دوست محمد جي پٽ اڪبر خان سان ڳالهيون شروع ڪيون پر ڳالهين دوران انگريز پوليٽيڪل ايجنٽ کي ماريوويو. انگريز جيڪي انڊيا جي 20 هزار سپاهين کي ساڻ ڪري قنڌار ۾ داخل ٿيا هئا تن جو عدد سخت موسم ۽ مشڪل ماڻهن ۽ پهاڙي پيچرن سان مقابلو ڪندي گهٽجي 17 هزارن تي پهچي چڪو هو ۽ جنوري 1842ع جي سردين ۾ افغانن سندن ڪابل ۾ گهيرو ڪيو. ٻنهي طرف رتوڇاڻ ٿي. شاھه شجاع مارجي ويو ۽ انگريز ڪابل ڇڏي ڀڄي ويا. پر جيئن ئي موسم مٽي ۽ گرميون موٽي آيون تيئن انگريز به ٻيهر ڪابل تي ڪڙڪي پيا.سندن فوج جو گهيرو ڪيو ويو جنهن۾ چيو ٿووڃي ته بنگال ريجمينٽ جي فقط هڪ سرجن وليم برائڊن کان سواءِ سموري فوج مليا ميٽ ٿي وئي ۽ ان کي به انڪري ڇڏيو ويو جيئن هو جلال آباد پهچي پنهنجي ڪيمپ تي اطلاع ڪري. ان مارا ماري ۾ هو سمجهي ويا ته افغانستان تي ٻاهران ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي انڪري نئين گورنر جنرل لارڊ ايلين بورو جنگبندي جو فيصلو ڪري 1843ع ۾ افغانستان خالي ڪيو ۽ دوست محمد خان موٽي ٻيهر تخت سنڀاليو. 1875ع ۾ نئونَ گورنر جنرل لارڊ لائٽن مقرر ٿيو جنهن ڏٺو ته افغانستان تي روس جو اثر وڌندو ٿو وڃي هن تنهن وقت جي حڪمران شيرعلي خان کي، جيڪو دوست محمد خانُ جو آخري پٽ هو، پيغام موڪليو ته کيس ڪابل وفد موڪلڻ جي اجازت ڏئي.

هن روسي جنرل کي ته اجازت ڏني پر انگريز وفد کي سرحد تان موٽائي ڇڏيو ۽ ٽن سالن بعد لائٽن نومبر 1878ع ۾افغانستان تي حملو ڪري ڏنو. شير علي خان ڀڄي ويو ۽ جلاوطني ۾ ئي مري ويو. انگريز مئي 1879ع ۾ ڪابل ۾ داخل ٿي ويا ۽ شير علي خان جي پٽ يعقوب خان سان معاهدو ڪري کيس امير تسليم ڪيو. هن انگريزن کي سفارتخاني کولڻ جي اجازت ڏئي سندن مرضي سان ٻين ملڪن سان لاڳاپا رکڻ جي حامي ڀري پر اهو معاهدو گهڻو وقت جٽاءُ ڪري نه سگهيو ۽ سيپٽمبر ۾ انگريز سفير ڪيوانگري ۽ سندس محافظ ڪابل ۾ حملي ۾ مارجي ويا، جنهن تي انگريز فوج ٻيهر حملو ڪري ڏنو جنهن تي ٻي جنگ جي شروعات ٿي. هنن ڪابل تي قبضو ڪيو ۽ مهيني بعد يعقوب ڀڄي ويو ۽ سال تائين تخت خالي رهيو جنهن بعد سندس سئوٽ عبدالرحمان خان کي تخت تي ويهاريو ويو جنهن نومبر 1893ع ۾ انگريزن سان ڊيورنڊ لائين جي معاهدي تي صحيح ڪئي. جنهن سان پشاور جيڪو افغانستان جو سردين ۾ گادي وارو شهر هوندو هو ۽ جيڪو 50 سال پهريائين سکن جي قبضي ۾ اچي ويو هو هميشه لاءِ افغانستان کان الڳ ڪيو ويو.

ٽين افغان جنگ پهرين مهاڀاري لڙائي دوران لڳي ڇوته افغانن انگريزن جي مدد بجاءِ اوٽومان ايمپائر جو ساٿ ڏنو. جنهنڪري ان وقت جو امير حبيب الله جيڪو وچٿرو هو ۽ جنگ ۾ حصي وٺڻ جو حامي نه هو تنهن کي فيبروري 1919ع ۾ قتل ڪيو ويو. سندس پٽ امان الله خان اقتدار سنڀاليو جنهن انگريزن کان آزادي جو اعلان ڪيو جنهن تي جنگ لڳي جيڪا ٽي مهينا جاري رهي ۽ آخر آگسٽ 1919ع ۾ پنڊيءَ ۾ امن معاهدي سان ان جنگ جو خاتمو ٿيو. افغانستان ان ئي وقت روس سان دوستي جو معاهدو به ڪيو جيڪو 1979ع تائين قائم رهيو جڏهن ببرڪ ڪارمل سوويت ٽينڪن تي چڙهي ڪابل ۾ اقتدار سنڀاليو. سرد جنگ سبب سوويت يونين معاشي طورڪمزور ٿي ويو. بعد ۾ گورباچاف جي گلاسنوسٽ ۽ پيريسٽروئڪا جي پاليسي بعد هنن افغانستان ڏهن سالن بعد خالي ڪيو ۽ ٽن سالن بعد سپر پاور سوويت يونين آئين تي عمل ڪندي الڳ الڳ رياستن ۾ ورهائجي ويو.

2001ع ۾ 9/11 جي واقعي بعد آميريڪي ۽ اتحادي فوجن جي حملي بعد طالبان حڪومت ختم ٿي وئي پر ويهن سالن بعد ويھه کرب وڃائڻ ۽ هزارين فوجي ۽ لکين عام ماڻهو مارائڻ بعد 2021ع جي 9/11 کان پهريان ئي آميريڪا طالبان سان معاهدو ڪري کين افغانستان موٽائي ڏنو. چيو وڃي ٿو ته دنيا جو ٽيون سپر پاور افغان قبرستان جي نذر ٿي ويو. ڪن ماهرن جو تجزيو آهي ته آميريڪا اهو سڀ ڪجھه افغانستان ۾ افراتفري ڦهلائڻ ۽ علائقي کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪري رهيو آهي . جنهن سان نه فقط نئين اڀرندڙ سپر پاور جي “ هڪ روڊ هڪ بيلٽ” جي منصوبي کي  ناڪام بنائجي پر علائقي ۾ موجود سندس مخالفن کي به سيکت ڏجي. انڪري علائقي جا ملڪ ان ڪوشش ۾ آهن ته پرامن افغانستان لاءِ ملڪ اندر گهڻ نسلي وسيع حڪومت قائم ڪئي وڃي جيئن امن قائم ٿي سگهي. ناڪامي جو صورت ۾ هن دفعي خطرو آهي ته اهو مداخلت ڪندڙ پاڙيسرين جي نه ڳچي ۾ پئجي وڃي ۽ سندن لاءِ نه قبرستان ثابت ٿئي. انڪري سڀني کي سمجھه سان قدم کڻڻو پوندو ۽ ڪنهن ٽولي يا گروھه بجاءِ سمورين قوميتن ۽ عوام جي ڊگهن مفادن کي نظر ۾ رکي گڏجي قدم کڻڻو پوندو جيئن حالتون هٿن مان نه نڪري سگهن.