افغانستان مان پاڪستان ايندڙ ٽرڪ مان ڪروڙن جي منشيات هٿ

0
220
افغانستان مان پاڪستان

ڪراچي(م ڊ) پاڪ افغان سرحد طورخم تي ڪسٽم اهلڪارن افغانستان مان داخل ٿيندڙ ٽرڪ مان 7 ڪروڙ 50 لک رپين جي منشيات هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

ايڊيشنل ڪليڪٽر ڪسٽم محمد طيب موجب عملدار طورخم بارڊر تي افغانستان کان داخل ٿيندڙ ٽرڪ جي لڪايل ڪمپارٽمنٽ مان 400 ڪلو چرس ۽ 250 ڪلوگرام آفيم هٿ ڪئي وئي

محمد طيب جو چوڻ آهي ته برآمد ڪيل منشيات جي عالمي مارڪيٽ ۾ ماليت 75 ڪروڙ رپيا ٺهي ٿي، ڪسٽم عملدارن ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ جوابدارن کان پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي