گيانا (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪپتان مچل مارش افغان ڪرڪيٽر گلبدين بائب جي انجري جي معاملي کي سڀ کان وڌيڪ مزاحيه شئي قرار ڏئي ڇڏيو، مچل مارش چيو ته مان ڪرڪيٽ جي ميدان تي ان کان اڳ اهڙي مزاحيه شئي نه ڏٺي هئي، کلي کلي منهنجي اکين مان ڳوڙها اچي رهيا هئا، هن چيو ته اسان هڪ گروپ جي صورت ۾ اها مئچ ڏٺي ۽ اها ڪمال جي مئچ هئي، افغانستان بنگلاديش جي مئچ ۾ ڪيترائي ٽوئسٽ آيا، اسان ٽورنامينٽ وڌيڪ کيڏڻ چاهيون پيا، افغانستان سٺي ڪرڪيٽ کيڏي سيمي فائنل ۾ پهچڻ انهن جو حق آهي.