اسلام آباد (بيورو رپورٽ) افغانستان جي خراب معاشي حالتن تي پاڪستان عالم اسلام کي گڏ ڪري ورتو، او آءِ سي اجلاس ۾ گڏيل قومن، آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي به نمائندگي، اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي عالمي برادري مٿان افغان عوام جي مدد لاءِ زور ڀريندي چيو ويو ته جيڪڏهن دنيا قدم نه کنيا ته وڏو انساني الميو جنم وٺندو، افغان عوام مدد جو منتظر آهي، دنيا افغانستان کي انساني المئي کان بچائي، سعودي پاران افغانستان لاءِ هڪ ارب ريال جي امداد جو اعلان ڪيو ويو. جڏهن ته افغانستان لاءِ او آءِ سي پاران خصوصي نمائندو مقرر ۽ فوڊ پروگرام ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ڪالهه اسلام آباد ۾ پاڪستان جي ميزباني هيٺ افغان صورتحال تي او آءِ سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي دعوت تي 20 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سميت 10 ملڪن جي نائب پرڏيهي وزيرن ۽ 70 وفدن شرڪت ڪئي. سعودي عرب، ترڪي، ايران، ملائيشيا، انڊونيشيا، بوسينا، آذربائيجان، بنگلاديش، قازقڪستان، ترڪمانستان جي پرڏيهي وزيرن سوڌو فلسطين، اردن، صوماليا، گمبيا جا وزير به شريڪ ٿا. افغانستان بابت آمريڪي نمائندي ٿامس ويسٽ سوڌو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پنج ميمبرن چين، آمريڪا، برطانيا، روس فرانس جا نمائندا به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان آمريڪا کي مخاطب ٿيندي چيو ته طالبان حڪومت کي 4 ڪروڙ عوام کان الڳ ڪريو، آمريڪا جو طالبان سان تڪرار آهي پر هي افغان عوام جو سوال آهي، فوري ايڪشن تمام گهڻو ضروري آهي، وزيراعظم چيو ته پرڏيهي وزير سان ملاقات ۾طالبان چيو آهي ته شرطن تي اهي عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته افغانستان جي صورتحال انتهائي سنگين آهي فوري ايڪشن نه کنيو ويو ته افرا تفري پکڙجندي، جنهن سان افغانستان ۾ دهشتگردي جنم وٺي سگهي ٿي، دنيا قدم نه کنيا ته اهو انسانن جو پيدا ڪيل سڀ کان وڏو انساني بحران هوندو، هن چيو ته افغانستان جي حالتن جو سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڪستان کنيو، اميد آهي ته او آءِ سي افغان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم کڻندي، افغانستان 4 ڏهاڪن کان گهرو ويڙهه جو شڪار رهيو آهي، اتان جي حالتن جو سڀ کان وڌيڪ پاڪستان کنيو سڀ کان وڌيڪ پاڪستان متاثر ٿيو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 80 هزار پاڪستانين جانين جي قرباني ڏني. مستحڪم افغانستان ئي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ معاون ثابت ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته ڪجهه عنصر نفرت پکيڙڻ لاءِ مذهب جو استعمال ڪن ٿا بدقسمتي سان اسلام جي باري ۾ تمام گهڻي پروپيگنڊا ڪئي وئي، دهشتگردي ۽ اسلام کي جوڙيو ويو، ريڊيڪل اسلام جي اصطلاح ٺاهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسلامو فوبيا پيدا ٿيو، وزيراعظم چيو ته افغانستان جي مدد ڪرڻ اسان جي مذهبي ذميواري آهي، او آءِ سي جي ذميواري آهي ته افغانستان جي مدد ڪري. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته دنيا افغانستان کي انساني المئي کان بچائي، افغانستان کي انساني المئي کان بچائڻ لاءِ مسلم امت ۽ عالمي برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري، او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کي خطاب ۾ هن وڌيڪ چيو ته افغان عوام کي اهو پيغام ڏيون ٿا ته اسان متحد ۽ ساڻن گڏ آهيون، هن چيو ته افغانستان ۾ خوراڪ جي کوٽ آهي، او آءِ سي اجلاس افغانستان جي بقاءَ لاءِ تمام اهم آهي، هن چيو ته افغانستان جو معاشي بحران خطي کي بري طرح متاثر ڪندو، هن چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس ۾ افغان قيادت کي ٻڌو ويو، اهي قوتون جيڪي هڪٻئي جون مخالف هيون اڄ آمهون سامهون هيون، هن چيو ته افغان صورتحال خراب ٿي ته پاڙيسرن تي اثر پوندا اميد ته دنيا افغانستان کان عليحدگي جي غلطي نه ورجائيندي، پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي پاران افغانستان لاءِ خصوصي نمائندو مقرر ڪرڻ ۽ فوڊ پروگرام ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. سعودي پرڏيهي وزير پرنس فيصل بن فرحان ڪانفرنس کي خطاب ۾ چيو ته افغان عوام اسان جي مدد جو منتظر آهي، عالمي برادري افغان عوام جي مدد ڪري، گهٽ وقت ۾ او آءِ سي اجلاس منعقد ڪرڻ تي پاڪستان جا شڪرگذار آهيون، هن چيو ته افغانستان جي معاملي کي انساني بنيادن تي ڏسڻو پوندو، معاشي وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته سعودي عرب پاران افغانستان لاءِ هڪ ارب ريال امداد جو به اعلان ڪيو ويو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي مائيڪل گريفن چيو ته افغانستان جو بحران حل ڪرڻ لاءِ بروقت قدم نه کنيا ويا ته پوري دنيا متاثر ٿيندي، هاڻي افغانستان جي مامري تي ماضي جون غلطيون نه ورجايون وڃن، هن چيو ته افغان بحران تمام گهڻو سنگين آهي، 80 سيڪڙو افغان عوام روز مرهه جا خرچ ڀري نٿو سگهي، افغانستان ۾ بيروزگاري 29 سيڪڙو وڌي سگهي ٿي، لکين ٻار تعليم ۽ 70 سيڪڙو استاد پگهارن کان محروم آهن، افغانستان جي معيشت تباهي جو شڪار آهي، او آءِ سي جَي سيڪريٽري جنرل ابراهيم حسين طــٰحه اجلاس گهرائڻ تي پاڪستان جي ساراهه ڪندي چيو ته هي اجلاس افغان عوام جي مدد لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو، هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ علائقي ۽ عالمي سهڪار جي ضرورت آهي، افغانستان جي صورتحال تي مسلسل نظر آهي، افغانستان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ان ڳالهه جو خيال رکڻ جي ضرورت آهي ته خطي ۾ دهشتگردي ٻيهر ڪر نه کڻي. ترڪ پرڏيهي وزير اجلاس کي خطاب ۾ چيو ته افغان بحران سمورن مسلمان ملڪن لاءِ چئلينج آهي، افغانستان ۾ وڌندڙ مالياتي بحران جو حل ڳولڻو پوندو، لکين افغاني بُک کي منهن ڏئي رهيا آهن، او آءِ سي سوڌو عالمي ادار افغان مسئلي جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪن. افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير امير خان متقي افغانستان ۾ امن ۽ ترقي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته بي بيمثال آهي، خاص طور وزيراعظم عمران خان جا ٿورائتا آهيون جن افغانستان ۾ انساني بحران جو حل ڳولڻ لاءِ اهم ڪانفرنس منعقد ڪئي آهي. جڏهن ته پاڪستان پاران افغان عوام جي مدد لاءِ 6 نڪاتي حڪمت عملي جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته او آءِ سي ملڪن کي فوري طور افغان عوام جي مدد ڪرڻي پوندي، تعليم صحت ۽ فني شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، يو اين ۽ او آءِ سي جو گروپ ٺاهي افغانستان کي جائز بينڪنگ سهولت تائين رسائي ۾ مدد ڏني وڃي، حڪمت عملي ۾ افغان عوام کي خوراڪ جي فراهمي، فوڊ سيڪيورٽي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، عورتن جي حقن ۽ تعليم ڏيڻ سميت دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا وڃن.