افغانستان بابت عالمي دنيا ۽ او آءِ سي جو ڪردار

0
238
ڪوفي ڪربلا ۾ پاڻي نه پيارين

   اڄ کان هزارين سال اگ رومي فلسفي سيسرو چيو هو ته  “جڏهن اسين پيدا ٿياسين ان کان اڳ جيڪو ڪجھه ٿيو ان کان اڻڄاڻ رهڻ ايئن آهي جيئن ماڻهو  هميشه ٻار بڻيل رهي ڇو ته انساني زندگي جي قيمت ئي ڇا آهي جيستائين اها تاريخ جي رڪارڊن جي ذريعي پنهنجن وڏن جي زندگي سان ملي نه وڃي”

   مفڪر ايلدس سڪسلي چيو آهي ته “ تاريخ اڄ تائين جيترا به سبق سيکاريا آهن انهن مان سڀ کان اهم سبق اهو سيکاريو آهي ته تاريخ جيڪو سيکاري ٿي انسان ان مان تمام گهٽ سکي ٿو.”  انهي حوالي سان جائزو وٺنداسين ته خبر پوندي ته باقي دنيا سان گڏ گڏ اسلامي دنيا  پڻ  ڪورونا جهڙي وبا کي منهن ڏنو آهي جنهن سبب پوئتي پيل معيشت کي وڏو ڌچڪو  رسيو. مسلمان ملڪ جيڪي هونئن  ته پاڻ  ۾ سياسي،سماجي، ثقافتي، جاگرافيائي ۽ فرقيوارڻن  حصن ۾ ورهايل آهن پر تنهن هوندي به هو هڪ اسلامي تنظيم ۾ جوڙيل نظر ايندا آهن جنهن جي پليٽ فارم تان وقت به وقت اهي  آواز اٿاريندا رهن ٿا جيئن مسجد  الا قصيٰ  بيت الا مقدس کي باھه ڏني وئي ته انهي  کان فورن پوءِ  24 ملڪن گڏجي 12 رجب 1389ع  هجري 25 سيپٽمبر 1969ع  مراڪش جي گادي جي هنڌ رباط ۾ اجلاس ڪوٺايو.  انهي وقت تنظيم جو نالو اسلامي سربراهي ڪانفرنس رکيو ويو جيڪو اڳتي هلي آستاناهه  ڪازڪستان جي دارالخلافه ۾ 38 وزيرخارجه جي ميٽنگ  دوران بدلائي اسلامي سربراهي تعاون جي تنظيم رکيو ويو.

تنظيم جي هيڍ آفيس سعودي عرب جي شهر جده  ۾ ٺاهي وئي. شروعاتي مقصدن ۾ شامل هڪ اهم مقصد اهو به هو ته اسلامي ملڪن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ،  خاص ڪري مقدس جڳهن جي، جنهن ۾ اهم ڪعبته الله شريف ۽ مسجد الاقصيٰ نمايان آهن ٻيو اهم مقصد اهو پڻ هو ته اسلامي ميمبر ملڪن جي مالي مدد ۽ انهن سان سياسي،سماجي،ثقافتي تعاون رکڻ. اسلامي سربراهي تعاون جي تنظيم اقوام متحدا کان پوءِ ٻي وڏي بين الا قوامي تنظيم آهي جنهن جا چئن کنڊن ايشا ، آفريڪا، اوڀر آمريڪا ۽ يورپ  ۾ 57 اسلامي ملڪ ميمبر آهن انهن ملڪن کي خدا پاڪ قدرتي نعمتن سان مالامال ڪيو آهي جيڪي  دنيا جي وڏي آبادي سان گڏوگڏ ڪافي ايراضي پڻ رکن ٿا. اهي ملڪ جي تنظيم جي مقصدن تي عمل ڪن ها ته هن وقت تائين مسلمانن جو پهريون قبلو آزاد هجي ها! ڪجھه اهڙيون  ڪوششون ۽ ڪاوشون شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ،شاهه فيصل،ڪرنل معمر قذافي،  انورسادات ۽ ياسر عرفات  1974ع ٻي اسلامي سربراهي ڪانفرنس لاهور ۾ ڪيون پر تاريح گواھه  آهي ته انهن سڀني اسلامي اڳواڻن سان سامراجي قوتن ڪهڙو حشر ڪيو.

هي تنظيم انهي ڳالھه تي پڻ  زرو ڏيندي رهي آهي ته مسلمان  ۽ ميمبرن ملڪن جي حفاظت ڪري ۽  انهن جي جاني ۽ وس آهر مالي مدد ڪري سگهي.

او آءِ سي عالمي برادريءَ تي زور ڏيندي رهي  ٿي ته ھو سنجيده  ٿي امن واري  عمل ۾ شامل ٿين ۽ بين الاقوامي قانون،بين الاقوامي قراردادن ۽ عرب امن  جي ابتدائي بنيادن تي جنھن جو مقصد  ته هو اسرائيلي قبضي کي ختم ڪرڻ. هنن ڪوششن مان هڪ ڪوشش   22 آگسٽ 2021ع تي  به ڪئي وئي جنهن ۾  اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو  جده ۾ قائم جنرل سيڪريٽريٽ  ۾  او آءِ سي جي مستقل نمائندن ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو غير معمولي اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي،سيڪريٽري جنرل  حسين ابراهيم چيو هو ته “مان شڪرگذار آهيان ميزبان ملڪ ، سعودي عرب جي بادشاهت جو جنهن هي اسلامي سربراهي تعاون تنظيم  جو اجلاس گهرايو ۽ مقدس مسجدن جي نگران ، بادشاهه سلمان جي مهرباني  جو هن اجلاس کي سڏايو.

 هن  چيو ته، “عالمي برادري ۽ او آءِ سي اقتدار ۾ حڪومتن کان اميد ڪري ٿي ته هو سماج جي سڀني طبقن سان شامل انسانن سان ڳالهين جي رابطي  کي قائم رکندا ۽  ملڪ ۾ قومي يڪجهتي کي يقيني بڻائيندا ، بين الاقوامي  معاهدن جي پاسداري ڪندا  ۽ بين الاقوامي گورننگ اصولن تي عمل ڪندا.

سعودي عرب جي بادشاھت جي دعوت تي ، 14 هين اسلامي سربراھي ڪانفرنس جي هي  چيئر ، ۽ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو هي غير معمولي اوپن اجلاس  افغانستان جي صورتحال تي ختم ٿيو هو .

تازو ئي پاڪستان دنيا جو افغانستان ڏانهن ڌيان ڏيارڻ لاءِ او  آءِ سي جو غير معمولي  اجلاس گهرايو آهي جيڪو تنظيم جو 17 هون غير روايتي ۽ غير حتمي اجلاس آهي پاڪستان جي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ جاري هن اجلاس ۾  لگ ڀگ  70 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي آهي پاڪستان کي هن اجلاس جي ميزباني سالن کان پوءِ نصيب ٿي آهي.

اسلامي سربراهي تعاون جي تنظيم جي هن جاري اجلاس ۾ هڪ سٺي خبر پڻ ٻڌڻ لاءِ ملي ته سعودي عرب افغانستان جي فلاح  بهبود ۽ غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ارب ريال ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان ۾ هي اجلاس يقينن انهي حوالي سان ڪامياب سمجهيو ويندو ته هي دنيا جو ڌيان هڪ اھڙي مسئلي ته ڏيارڻ گهري پيو جنهن کي يورپ جا ملڪ نظر انداز پيا ڪرڻ گهرن، جنهن ۾ پنهنجو ملڪ تقريبن ڪامياب ويو آهي. اسان کي هن وقت  اهو هرگز نه وسارڻ گهرجي ته ماضي ۾ ڪيترن ئي اجلاسن ،ميٽنگن ۽ ڪميٽين ٺاهڻ جي باوجود به اسلامي  سربراهي تعاون جي هي تنظيم ڪي خاص مقصد ماڻي نه سگهي آهي، جنهن جو وڏو سبب عالمي قوتن جي مداخلت رهيو آهي.  اسلامي دنيا  ان تنظيم تحت گڏ ته ٿي  آهي پر اندورني طور هن تنظيم  ۾ اهي رياستون به شامل آهن جيڪي هڪ ٻئي جون ڪٽر دشمن نظر اچن ٿيون. هر ڪنهن جا پنهنجا پنهنجا مفاد آهن جنهن سبب هو اصل مقصدن کان ڪوهئين ڏور بيٺل نظر اينديون آهن. گذريل 50 سالن ۾ هن تنظيم ڳالهيون گهڻيون ۽ عملي ڪم نه هئڻ جهڙا ڪيا آهن  جيئن چئبو آهي ته نالو وڏو ديهه ويران. اسلامي تنظيم جي اجلاسن ۾  خالي ٺهراءَ ئي پاس ڪيا ويا. هن اجلاس ۾ افغانستان جي  شهرين کي حفاظت جو يقين  ڏياريو وڃي.

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته   عالمي دنيا ۽ اسلامي ملڪن جي هي تنظيم مسلمانن جي ۽ دنيا جي هن وڏي ۽ اهم  مسئلي کي حل ڪرڻ  ۾  پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪري، تڏهن ئي وڃي دنيا امن جي پرچار ڪرڻ لائق بڻبي، ڇو ته افغانسان جو امن دنيا سان ئي سلهاڙيل آهي خوراڪ ۽ ٻارن جي واڌ ويجھه لاءِ جوگا اپاءَ وٺڻا پوندا.هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هي اجلاس انهي حوالي سان ڪيترو ڪامياب وڃي ٿو.

[email protected]