اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اجلاس ۾  اسٽيٽ بينڪ ملازمن جي وڏين پگھارن ۽ مراعتن  تي احتجاج،  سينيٽ ۾ قرضن جا تفصيل به پيش، پي ڊي ايم حڪومت عمران خان حڪومت کي به قرض وٺڻ ۾ پوئتي ڌڪي ڇڏيو ، سينيٽ کي ناڻي وزارت ٻڌايو ته چيف جسٽس ڊيم فنڊ ۾ 17 ارب رپين کان وڌيڪ رقم مان 6 ارب رپيا منافعو آھي، ھن وقت تائين اڪائونٽ مان ڪا به رقم ناھي ڪڍرائي وئي. ناڻي وزارت  اسٽيٽ بينڪ جي ملازمن جي پگھارن ۽ پينشنن جا تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪيا. جنهن موجب اولڊ مانيٽائيز پگهار اسٽرڪچر ۽ ٻيو نيو پگهار اسٽرڪچر وارو طريقيڪار لاڳو آهي. اسٽيٽ بينڪ ۾ ڪل 1178 ملازم ڪم ڪري رهيا آھن  گريڊ او جي 8 جي گهٽ ۾  گهٽ 16 لک رپيا ۽ وڌ ۾ وڌ پگھار 39 لک 35 ھزار رپيا . جڏھن ته گريڊ او جي 7 جي 31 ملازمن جي پگھار 25 لک ،گريڊ او جي 6 جي 60 ملازمن جي پگھار 15 لک ، او جي 4 جي 266 ملازمن جي وڌ کان وڌ پگھار  5 لک 76 ھزار رپين تائين آھي. او جي 3 جي 286 ملازمن جي پگھار وڌ ۾ وڌ 2 لک 91 ھزار ۽ پينشن 2 لک 91 ھزار آھي. او جي 2 جي 286 ملازمن جي وڌ کان وڌ پگھار 1 لک 85 ھزار ، او جي ون جي 4 ملازمن جي وڌ ۾ وڌ پگھار 1 لک 17 ھزار تائين آھي. سينيٽرز پاران اسٽيٽ بينڪ جي ملازمن جي تمام گھڻين پگھارن تي شديد اعتراض واريو. دنيش ڪمار چيو ته من پسندن کي وڏيون پگھارون ڏنيون پيون وڃن، ھڪ ھڪ ملازم جي پگھار 40 لک رپيا آھي. پلوشه خان چيو ته اھڙو ڪھڙو ملازمن کان ڪم ورتو پيو وڃي جو چاليھه لک پگھار آھي. ناڻي وزير شمشاد اختر چيو ته دنيا ۾ سينٽرل بينڪ جي پگھار اسٽرڪچر سڀ کان مختلف ھوندو آھي، بينڪنگ سيڪٽر جون پگھارون وڌي چڪيون آھن ان ڪري اھم ھيو ته اسٽيٽ بينڪ جي پگھار سٺي ھجي. ناڻي وزارت جي جمع ڪرايل جواب موجب جون 2018 ۾ پاڪستان جو سرڪاري قرض 24953 ارب رپيا  ھيو،31 جنوري 2022 ۾ اهو قرض وڌي 43579 ارب  تائين پھتو، 31 مارچ 2022 ۾ قرض 44383 ھيو، جولاءِ 2023 ۾ اهو قرض وڌي  64117 ارب  ٿي ويو.

اسلام آباد: پ پ سينيٽر رضا رباني چيو ته ايم پي اسڪيل جي ملازمن جي پگھارن ۾ تمام گھڻو اضافو ڪيو ويو آھي، 164 رٽائرڊ فوجي ۽ سول آفيسرن کي ڊالرن جي صورت ۾ پينشن ڏني پئي وڃي. چيو ويندو آھي پارليامينٽ پئسا کائي وئي، پئسو پارليامينٽ کاڌو آھي يا سول بيورو ڪريسي کائي رھي آھي. رضا رباني مئنجيمينٽ پوزيشن (ايم پي) اسڪيل جي پگھار پيڪيج جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته اشرافيه جون پگھارون ۽ مراعتون بي حساب وڌايون پيون وڃن، ايم پي ون اسڪيل جي پگھار 8 لک رپين کان 10 لک رپيا ماھوار ھوندي. مراعتن سان گڏ 11 لک رپيا تائين ماھوار کنيا پيا وڃن. ايم پي ٽو جي پگھار ھاڻي 3 لک 70 ھزار سان کان 6 لک رپيا آھي، ايم پي ٿري جي ماھوار پگھار 24 لک کان 33 لک ھوندي. هن چيو ته ڪھڙو سبب آھي جو انھن کي 33 لک رپيا ڏنا پيا وڃن. 164 رٽائرڊ فوجي ۽ سول آفيسر ڊالرز جي صورت ۾ ٻاھر پينشن کڻي رھيا آھن. ان جو ڪھڙو سبب آھي ۽ پوءِ چيو ويندو آھي ته 18 ھين ترميم، اين ايف سي، صوبا سمورا پئسا کائي ويا، ناڻي وزير شمشاد اختر چيو ته ايم پي اسڪيل اِن ڪري آندو ويو ته نجي شعبي مان پروفيشنل آندا وڃن جيڪي پبلڪ سيڪٽر جي مدد ڪن. ھن وقت انرجي، فنانس ۾ مسئلا آھن.