ملير(رپورٽ: ناز شر )اسٽيل ملز جي اهم ۽ حساس پلانٽ ڪوڪو ون جي اوچتو گيس بند: انتظاميا پريشان: سوئي سدرن پاران وال ۾ ڪچرو اچڻ جو عذر ظاهر، ان ڏس ۾ ملڪ جي وڏي صنعتي اداري پاڪستان اسٽيل ملز  جي دل سمجهيو ويندڙ حساس پلانٽ  ڪوڪ اوون بيٽري  (ڪوڪو ون) جي گذريل رات اوچتو گيس بند ٿيڻ سبب انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ملز انتظاميا گيس جي فراهمي  لاءِ سوئي سدرن گيس ڪمپني جي انتظاميا سان رابطو ڪيو، سوئي گيس جي ايمرجنسي ٽيم اسٽيل ملز پهچي ٻن ڪلاڪن جي جدوجهد بعد فالٽ ڳولي گيس جي فراهمي بحال ڪري ڇڏي، ان حوالي سان اسٽيل مل جي ترجمان صحافين کي ٻڌايو ته اسٽيل مل جي انتهائي حساس ۽ اهم پلانٽ ڪو ڪو ون جو گيس پريشر ختم ٿيڻ سبب تمام گهڻي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو، ملز جي سي اي او پاران سوئي سدرن گيس جي اعليٰ عملدارن سان رابطو ٿيڻ بعد سوئي سدرن جي ٽيم پهچي فالٽ کي ٺيڪ ڪيو، ترجمان جو چوڻ هو ته گيس جو پريشر  بحال نه ٿئي ها ته  5 ارب جو نقصان ٿئي ها، جڏهن ته  پلانٽ کي پنهنجي اصل حالت ۾ آڻڻ لاءِ ڏيڍ کان ٻه سالن جو عرصو لڳي وڃي ها، هن چيو ته اسٽيل ملز بند هجڻ باجود سستم کي فعال رکڻ لاءِ ڪوڪو ون جي بيٽريز کي هلائڻ تي سالياني 10 ڪروڙ لاڳت اچي ٿي، ٻئي طرف سوئي سدرن جو چوڻ هو ته اسان کي رات جو 3.30 منٽن تي بندش جوا طلاع مليو، اسان جي ٽيم  وال ۾ چوڪنگ ختم ڪري صبح جو 7 وڳي گيس بحال ڪري ڇڏي