ملير (رپورٽ: ناز شر ) اسٽيل ملز جا وڌيڪ 300 ڪانٽريڪٽي ملازم برطرف: اڄ ڌرڻي جو اعلان، ان ڏس ۾ پاڪستان اسٽيل ملز انتظاميه  پاران جاري ليٽر موجب اسٽيل ملز جي تمام ادارن ۾ ڪم ڪندڙ 300 کان وڌيڪ ڪانٽريڪٽي ملازمن،  جن ۾ استاد، آفيسر، اسٽاف، ڊرائيور ۽ ٻيا شامل آهن، جي نوڪري ۾ 30 جون کانپوءِ  توسيع نه ڏني پئي وڃي، کين اڄ  پهرين جولاءِ کان کين ڪم تي اچڻ کان روڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ڪانٽريڪٽ ملازمن جي ايڪشن ڪاميٽي جبري طور تي ڪڍيل ملازمن جي حمايت ۾  اڄ اسٽيل مل جي مک گيٽ آڏو ڌرڻي جو سڏ ڏنو آهي