اسٽاڪ مارڪيٽ81 هزارن واري نفسياتي حد کي ويجهو پهچي وئي، سون 1000 رپيا مهانگو

0
11
اسٽاڪ مارڪيٽ81 هزارن واري نفسياتي حد کي ويجهو پهچي وئي، سون 1000 رپيا مهانگو
اسٽاڪ مارڪيٽ81 هزارن واري نفسياتي حد کي ويجهو پهچي وئي، سون 1000 رپيا مهانگو

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) اسٽاڪ مارڪيٽ81  هزارن واري نفسياتي حد کي ويجهو پهچي وئي، سون 1000 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾اسٽاڪ مارڪيٽ جي 100 انڊيڪس 631 پوائنٽن جي واڌ سان 80865 پوائنٽن تي پهچي وئي

جڏهن ته ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 1000 رپيا اضافي سان 242300 مان 243300 رپيا ۽ عالمي مارڪيٽ ۾10 ڊالرن جي واڌ سان 2335 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو

ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 5 پئسا واڌ سان 280.5 مان 280.55 رپين تي پهتو، هوڏانهن پائونڊ50 پئسا واڌ سان 353 مان 353.5 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 2750 ۽ يورو 397.75 رپين تي برقرار رهيا