ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ)اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻيهر ٻاڙائي: سون 700 رپيا مهانگو: سيڙپڪارسٽجي ويا، ان ڏس ۾100 انڊيڪس 83 پوائنٽن جي لاٿ سان 78444 پوائنٽن تي پهتي، ڪالهه 8 ارب 71 ڪروڙ ماليت جا 20 ڪروڙ 59 لک شيئر وڪرو ٿيا، بي يقيني واري صورتحال سبب سيڙپڪارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا، ٻئي طرف  ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 700 رپيا واڌ سان 241000 مان 271700 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 22 ڊالرن جي اضافي سان 2306 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 32 پئسا واڌ سان 280.18  مان280.5 رپين تي پهتو، جڏهن ته چاندي 2750، پائونڊ 352.5 ۽ يورو 297 رپين تي بيٺل رهيا