ڪراچي(ڪامرس نيوز) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لاهن چاڙهن بعد ٻاڙائي رڪارڊ ڪئي وئي. ڪالهه پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لاها چاڙها رهيا پر آخر ۾ مارڪيٽ 94 ڏهائي 37 پوائنٽن جي ٻاڙائي سان بند ٿي. 100 انڊيڪس 44 هزار 923 ڏهائي 91 پوائنٽن جي سطح تي بند ٿيو. ڪاروبار دوران هڪ موقعي تي 45 هزار پوائنٽن جي نفسياتي حق بحال ٿي وئي پر ڪاروبار ختم ٿيڻ تائين اضافي جي اها لهر برقرار رکي نه سگهي. سڄي ڪاروباري ڏينهن ۾ ڪاروبار ۾ 8 ڪروڙ 85 لک 43هزار 21 شيئرز جا سودا ٿيا جنهن سبب سيڙپڪارن کي اربين رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو.