ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري: 30 ڪروڙ شيئر وڪرو: سون 500 رپيا سستو، ان ڏس ۾ نئين مالي سال جي شروعات سان گڏ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري اچي وئي، 100 انڊيڪس 379 پوائنٽن جي اضافي سان 78824 پوائنٽن تي بند ٿي، جڏهن ته 1288 پوائنٽن تي بينڊ پڻ ٿي، هڪ موقعي تي انڊيڪس 79536 پوائنٽن جي بلند سطح تي پهچي وئي، ڪالهه 13.74 ارب جا 30 ڪروڙ شيئر وڪرو ٿيا، مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 57 ارب جي واڌاري سان  10432 اربن تي پهتي، ٻئي طرف ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 500 رپيا لاٿ سان 242000  مان 241500 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 2324 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي پاسي يورو 50 پئسا لاٿ سان 297 مان 296.5 رپين تي بند ٿيو، جڏهن ته چاندي 2750، ڊالر 280.5 ۽ پائونڊ 352.5 رپين تي بيٺل رهيا