ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) اسٽاڪ مارڪيٽ ٻيهر 80 هزار واري نفسياتي حد پار ڪري ورتي، سون 800 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جاري رهي، ڪالهه 100انڊيڪس 728 پوائنٽن جي اضافي سان 79552 پوائنٽن تي بند ٿي،  هڪ موقعي تي انڊيڪس 80094 پوائنٽن  تي به پهتي هئي، جڏهن ته ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 800 رپيا واڌ سان 241500 مان 242300 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون21 ڊالرن جي اضافي سان 2325 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو،  هوڏانهن چاندي 2750، ڊالر 280.5 ۽ يورو 297.75 رپين تي بيٺل رهيا، ٻئي پاسي پائونڊ سوا 2 رپيا واڌ سان 350.75 مان 353 رپين تي پهچي ويو