ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ يونائيٽڊ  پارٽي جي صدر سيد زين شاھ چيو آهي ته اسين لنڊن ۾ پاڻ کي محفوظ  نوابشاھ توڙي شڪارپور ۾ غير محفوظ محسوس ڪريون ٿا، عوام  کي تحفظ فراھم ڪرڻ حڪومت جي اولين ذميواري آهي، ڪالهه هتي پريس ڪلب ۾ سنڌ يونائيٽڊ لائرز فورم پاران سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بابت ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي ھن چيو ته اسانجا ٻار چون ٿا ته ھتان ٻاھر ھلون پر اسانکي پنهنجي ڌرتي سان محبت آھي، سرندي وارا ۽ ذھين ماڻهو هتي رھڻ نٿا چاھين، هن چيو ته اسان وٽ پوليس جي مدد لاءَ گھرايل فورس وري شاگردن جي ھاسٽلن تي قبضا ڪيا، ھاڻي مون جڏهن ڪچي ۾ آپريشن لاءِ ڪنهن اداري جي ڳالهه ڪئي ته ماڻهو چون ٿا ته جيڪڏهن اھي اچي ويا ته کين واپس ڪير اماڻيندو؟ ھن چيو ته سياسي پارٽين جا ايم پي اي ۽ ايم اين اي پارٽين کي پئسا ڏئي ٽڪيٽ  وٺن ٿا، اھي ئي ڏوھارين جا ساٿاري آھي، جن کي اھي ئي ڏوھاري اليڪشن کٽرائين ٿا، هن چيو ته   اسٽيبليشمينٽ کي پنهنجي شھنشاھيت تان ھٿ کڻڻو پوندو، تڏهن ئي ملڪ ۾ امن امان ٿيندو،  سي پي ايل سي جي اڳوڻي سربراھه  جميل يوسف چيو ته سنڌ ۾ پوليس جي پيٽرولنگ ( گشت) نٿي ٿئي، جڏهن ته  پيٽرولنگ جي مد ۾ وڏي ٿئي ٿي، اسان جڏهن پوليس پيٽرولنگ جي جاچ لاءِ پوليس  جي گاڏين ۾ ٽريڪر لڳايا ته تڏهوڪي آءِ جي اي ڊي خواجا اھي ٽريڪر ڪڍرايا، هن چيو ته  پوليس کي قانون تحت ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويندو ته امن ڪيئن ٿيندو؟ جي ڊي اي اڳواڻ سردار رحيم چيو ته سنڌ م امن امان جي صورتحال انتھائي خراب آھي، هتي هر ماڻهو قانون جي لتاڙ کي آسان سمجھي ٿو،  اسان وٽ انگريزن جي دور جا قانون توڙي آئين  موجود آھن پر انهن تي عمل نٿو ٿئي، هن چيو ته  ڪرپشن ختم ٿيڻ سان گورننس ( حڪمراني) بھتر ٿيندي،  سينيئر صحافي مظھر عباس چيو ته جڏهن آء جي ۽ ڊي آءِ جي دعوتون کائي دوستيون نڀائيندا ته پوءِ اهي  امن ڪيئن بحال ڪرائيندا؟ ھتي ڪيترائي ڌاڙيل پوليس ۾ ڀرتي ٿيا،  جيڪي ڀنگ جي معاملن ۾ شامل رھيا، هن چيو ته جيستائين پارٽيون ۽ گروپ ٺاھڻ ۽ ڊاھڻ بند نه ٿيندا، صورتحال خراب ٿيندي رھندي، اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي سرور جمالي چيو ته 1970ع کان سنڌ ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جو سلسلو جاري آھي، اسان وٽ آئين ۽ قانون جي لتاڙ عام آھي سچ ڳالهائڻ جي سزا طور لوڙھڻو پيو، سيمينار کي ايڊووڪيٽ  صلاح الدين ۽ ٻين خطاب ڪيو