اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڀرسان باھ لڳڻ سبب ٿرڪول متاثرن جا 8 گهر سڙي ويا. خبر موجب اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ وروائي ۾ ڪولھي پاڙي ۾ اوچتو باھ لڳڻ سبب تازو ٿرڪول انتظاميا طرفان لڏايل ڪولهي پاڙي جي 8 ڳوٺاڻن جا ڪکاوان گھر مڪمل طور سڙي رک ٿي ويا. متاثرن ۾ چنو ڪولھي، مگھن ولد چنو، ڪوچن ولد چنو، وينجھو ولد رانجھو، نيلو ولد وينجھو، سروڻ ولد وينجھو، راجو ولد وينجھو، پھلاج ولد وينجھو، پرڀو ولد وينجھو ڪولهي شامل آهن. متاثرن موجب ڏھ ڏينھن اڳ ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ سائينو سنڌ ڪمپني وارن زوري گھرن کي بلڊوز ڪري پنهنجي ڳوٺ مان اباڻا گهر ڇڏائي بيدخل ڪيو، جنهن بعد ڳوٺ ويجهو روڊ جي ڀرسان ڪکاوان گھر اڏي ويٺا هئاسين، جيڪي اوچتو باھ لڳڻ سبب سڙي رک جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا. ٻئي پاسي کليل آسمان ھيٺ ويٺل متاثرن سائينو سنڌ ڪمپني سميت ضلعي انتظاميا کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.