اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 3 اضافي ججن کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڪالهه چيف جسٽس جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن اضافي ججن کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڊيشل ڪميشن اضافي ججن کي مستقل نه ڪرڻ جي سفارش ڪئي. فارغ ٿيندڙن ۾ جسٽس فياض جندران، جسٽس لبنا پرويز ۽ جسٽس غلام اعظم قمبراڻي شامل آهن. جڊيشل ڪميشن منظوري لاءِ سفارشون پارلياماني ڪاميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيون. جڊيشل ڪميشن آخري اجلاس ۾ ٽنهي ججن کي ڇهن مهينن جي توسيع ڏني هئي.