آستانا(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف فلسطين ۾ فوري غيرمشروط جنگبندي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جنگي ڏوهاري بڻجي ويو، افغانستان دهشتگردن خلاف قدم کڻي، سندن سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي، گڏيل قومون پنهنجي ٺهرائن تي فوري طور تي عملدرآمد ڪرائي، آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته فلسطين تي غير ملڪي قبضي جي ڪري تڪرار ڪر کنيو آهي، اسرائيل جنگي ڏوهاري بڻجي ويو آهي، هزارين فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، عالمي انصاف واري عدالت به اسرائيلي ظلمن جو نوٽيس ورتو آهي. شهباز شريف چيو ته افغانستان خطي جي روشن مستقبل لاءِ جاگرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ کان پاڻ کي آزاد ڪرڻو پوندو، شنگهائي تعاون تنظيم خطي جي عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان جا چئلينجز گڏيل آهن. هن چيو ته اسان کي خطي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، وزيراعظم چيو ته افغان ڌرتي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، افغان حڪومت کي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، مسئلن جي حل لاءِ افغان عبوري حڪومت کي نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عمل يقيني بڻائڻو آهي ، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عمل يقيني بڻائڻو آهي. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آستانگ ۾ انڊيپينڊينس پيلس پهتو جتي قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيوف، سندس آڌرڀاءُ ڪيو.