اسرائيل، فلسطين ۽ سنڌ

0
484

يورپي سرمائيدار قوتن جي پهرين عالمي جنگ (1914-19) دوران نومبر 1917ع تي لينن جي اڳواڻيءَ ۾ روس اندر پهريون سرمائيدار دشمن پورهيت انقلاب برپا ٿيو جيڪو آڪٽوبر انقلاب ۽ بالشويڪ انقلاب جي نالي سان مشهور ٿيو. جنهن ۾ سمورا ڪارخانا ۽ پيداوار جا وسيلا قومي ملڪيت ۾ ورتا ويا ۽ غير طبقاتي سوشلسٽ سماج جي اڏاوت جو آغاز ٿيو. ان انقلاب باهم متصادم سڀني سرمائيدار ملڪن جي حڪمرانن کي حيران پريشان ڪري ڇڏيو ۽ هنن ڪميونزم جي ڀوت کي قابو ڪرڻ لاءِ پهرين سوويت روس تي حملو ڪري ڏنو جيڪو ناڪام ٿيو ۽ سوويت يونين مرضيءَ سان جنگ بندي ڪري نئين سماج جي تعمير ۾ جنبي ويو. ڏهن سالن ۾ ئي بک ۽ غربت جو ماريل روس ترقيءَ جون نيون شاهراهون طئي ڪري دنيا ڀر جي انقلابي قوتن ۽ قومي آزاديءَ جي تحريڪن لاءِ هڪ روشن مثال بڻجي اڀريو، جڏهن ته سرمائيداري پنهنجي اندروني بحرانن جي ور چڙهي وئي. سوويت روس ۽ سامراج دشمن تحريڪن جي اُڀار ۽ اڳڀرائي کي روڪڻ لاءِ تڏهوڪي برطانوي سامراج ٻين خطن سان گڏوگڏ ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ نئين صف بندي ۽ جاگرافيائي ورهاست جي منصوبا بندي ڪئي، جنهن تحت هندستان ۾ هندو مسلم تضاد ۽ وچ اوڀر ۾ عرب يهودي تضاد کي هٿي ڏني وئي.
اسرائيل جي قيام جو منصوبو ته باضابطه ليگ آف نيشن ذريعي پيش ڪيو ويو. 1817ع کان 2017ع تائين 200 سال فلسطين سميت سڄي وچ اوڀر تي ترڪ خلافت عثمانيه جي حڪمراني قائم رهي ۽ اسلامي دنيا جي اڳواڻي به ترڪن جي هٿ ۾ هئي. پهرين عالمي جنگ دوران ترڪن کي برطانيا ۽ ان جي اتحادين هٿان شڪست ملي ۽ فلسطين سميت سڄي وچ اوڀر تي برطانيا ۽ فرانس جو قبضو ٿيو، جن عرب ملڪن جي نئين سر جوڙجڪ ڪري مختلف علائقا پاڻ ۾ ورهائي کنيا. برطانيا هڪ طرف عرب صحرا جي السعود خاندان جي مدد ڪري سعودي عرب جي بادشاهت وجود ۾ آندي جنهن کي ترڪ خلافت جي جاءِ تي اسلامي دنيا جي سرداري ڪرڻ جا فرائض سونپيا ويا ته ٻئي طرف يورپ، آمريڪا ۽ سڄي دنيا ۾ ڇڙوڇڙ يهودين کي اسرائيل واپس ڏيارڻ جو ڏسُ ڏئي کين فلسطين جون زمينون خريد ڪري اتي يهودي آبادڪاريءَ جو عمل شروع ڪيو ويو. 1923ع ۾ ليگ آف نيشن، جنهن ان وقت اقوام متحده جو ڪردار پئي ادا ڪيو تنهن فلسطينين تي برطانوي قبضي کي نه رڳو قانوني شڪل ڏني پر گڏوگڏ کين اهو قانوني اختيار به ڏنو ته اتي يهودين جو قومي وطن قائم ڪيو وڃي.
پهرين عالمي جنگ کان پوءِ برطانيا، آمريڪا، فرانس ۽ ٻين اتحادي ملڪن چاهيو پئي ته جرمنيءَ ۾ هٽلر ۽ اٽليءَ ۾ ميسوليني ڀل طاقتور ٿين ته جيئن يهودي ظلمن کان تنگ ٿي ترقي يافتا يورپ مان نڪري انتهائي پٺتي پيل فلسطين ۾ آباد ٿيڻ لاءِ آماده ٿين ۽ ٻئي طرف وڌندڙ ڪميونسٽ تحريڪ جو به انت اچي. هنن چاهيو پئي ته فاشسٽ جرمني ۽ اٽلي ۽ جاپان گڏجي ڪميونسٽ سوويت يونين تي حملو ڪن ته جيئن ٻئي وڙهي تباهه ٿين پر سوويت يونين جي اڳواڻ اسٽالن 1937ع ۾ نازي جرمنيءَ سان جنگ نه ڪرڻ جو معاهدو ڪري جنگ جو رخ برطانيا ۽ فرانس ڏانهن موڙي ڇڏيو. پهرين عالمي جنگ ۾ جيئن ته جرمني کي ئي برطانيا ۽ فرانس هٿان شڪست ۽ شرمناڪ معاهدي کي منهن ڏيڻو پيو هو ته هٽلر به اهو سوچيو ته برطانوي بادشاهت جو سج غروب ڪبو ته پوءِ سوويت يونين به پاڻهي اچي پيرن ۾ پوندو پر ٻي عالمي جنگ سڄي دنيا جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو. ان جنگ ۾ جرمني ۽ سوويت يونين جي تباهيءَ بدران جرمني ۽ برطانوي بادشاهت زوال پذير ٿيون. برطانوي سامراج جيڪا کڏ ڪميونسٽ سوويت يونين لاءِ کوٽي هئي اهو پاڻ ئي ان کڏ ۾ ڪر ي پيو ۽ سندس سلطنت جو زوال اچي ويو، جنهن جي جاءِ آمريڪا والاري. ٻي عالمي جنگ جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ سوويت يونين ٻه سپر پاور ٿي اڀريا ۽ دنيا ٻن بلاڪن ڪميونسٽ بلاڪ ۽ سرمائيدار بلاڪن ۾ ورهائجي وئي. سوويت يونين سڄي دنيا ۽ خاص طور ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ ڪميونسٽ تحريڪن ۽ سامراج دشمن قومي آزاديءَ جي تحريڪن جي پٺڀرائي شروع ڪئي، جڏهن ته آمريڪا ۽ برطانيا شڪست کاڌل فرانس توڙي اولهه جرمنيءَ سميت سڀني يورپي ملڪن کي نئين سر سگھارو ڪري باقي دنيا ۾ ڪميونزم ۽ قومي آزادي جي تحريڪن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ نئين صف بندي ۽ سياسي جاگرافيءَ جي ورهاست جي منصوبن تي تڪڙو عمل شروع ڪري ڏنو.
برٽش انڊيا ۾ برطانيا جي گرفت ڪمزور ٿيندي ۽ سامراج دشمن قومي آزاديءَ جي تحريڪ ۽ ان جي سوويت يونين ۽ چين جي ڪميونسٽ تحريڪ سان الحاق جي خطري کي نظر ۾ رکندي اتي تقسيم جي منصوبي تي هڪ سال اڳ ئي عملدرآمد ڪيو ويو جڏهن ته اسرائيل جو قيام طئي ٿيل پروگرام تحت 1948ع ۾ عمل ۾ آندو ويو، جنهن لاءِ 1947ع ۾ گڏيل قومن منصوبو تجويز ڪيو جنهن موجب فلسطين کي ورهائي يهودي بلاڪ صيهوني رياست اسرائيل ۽ عرب رياست فلسطين جي قيام جي تجويز پيش ڪئي وئي، جڏهن ته يروشلم کي ويٽيڪن جيان خاص حيثيت ڏئي بين الاقوامي علائقو قرار ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي. منصوبي تحت آمريڪا ۽ يورپ جي حڪمران لابين هٽلر جي ظلمن کان هيسايل يهودين کي فلسطين ۾ آباد ٿي اسرائيل اڏڻ ۾ مڪمل سهڪار فراهم ڪيو، جن گڏيل قومن جي ذريعي پيش ڪيل منصوبي جي آجيان ڪئي،
جڏهن ته فلسطين سميت سڀني عرب ملڪن ان جي مخالفت ڪئي ۽ اسرائيل جي قيام کي روڪڻ لاءِ پنج عرب ملڪن اردن، عراق، شام، مصر ۽ لبيا پنهنجون فوجون فلسطين موڪليون جتان پهرين عرب اسرائيل جنگ جي شروعات ٿي جيڪا جولاءِ 1949ع ۾ اسرائيل جي فتح ۽ فلسطينين جي پنهنجي وطن مان بي دخليءَ سان پنهنجي انت تي پهتي. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن فلسطيني پنهنجي وطن جي واپسيءَ لاءِ واجھائي رهيا آهن. ڪجھه اهڙو ئي حال هتي سنڌ ۽ سنڌين سان به ٿيو آهي. ڌارين آبادڪاريءَ ذريعي وڌندڙ ڪميونسٽ تحريڪ ۽ قومي آزاديءَ جي تحريڪن آڏو بند ٻڌڻ ۽ مسلسل ويڙهائي راڄ ڪرڻ مقصد هو پر قدرت جو پنهنجو به قانون هوندو آهي. فطرت جو قانون آهي ته جنهن کي جيترو دٻائبو اهو دير سوير اوتري ئي دٻاءَ سان آڏو ايندو. اسرائيل ۽ پاڪستان جي قيام کان پوءِ هتي به ايئن ئي ٿيو. ٻنهي هنڌن تي سامراج دشمن قومي تحريڪون نئين طاقتن سان اُڀري آيون. مصر ۾ جمال عبدالناصر جي قيادت ۾ بادشاهت ۽ آمريڪي برطانوي سامراجيت خلاف انقلاب برپا ٿيو جنهن عرب قومي تحريڪ ۽ فلسطين جي قومي تحريڪ ۾ نئون ساهه ڦوڪيو ۽ هتي بنگالي، بلوچي، سنڌي ۽ پشتو قومي تحريڪن جي کاٻي ڌر جي تحريڪن زور پڪڙيو جن جي رستا روڪ لاءِ 1958ع ۾ پهرين مارشل لا لڳي ۽ هوڏانهن وري جڏهن جمال عبدالناصر 1956ع ۾ سوئيز ڪئنال قومي ملڪيت ۾ ورتو ته ٻي عرب اسرائيل جنگ لڳي. جنهن ۾ سوويت يونين جي ڀرپور مدد ۽ دٻاءَ سبب اسرائيل ۽ آمريڪا کي پوئتي پير ڪرڻا پئجي ويا ۽ سوئيز ڪئنال مغربي سرمائيدار قوتن جي قبضي مان نڪري مصر جي قومي ملڪيت بڻيو ۽ عرب قومي تحريڪ جي اڳڀرائي شروع ٿي وئي. 1964ع ۾ فلسطين جي آزاديءَ جي ويڙهه وڙهندڙ سڀني گروپن متحد ٿي فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن، پي ايل او جو بنياد رکيو، جنهن جي اڳواڻي 1969ع کان 2004ع تائين باباءِ فلسطين ياسر عرفات وٽ رهي.
1948ع کان پوءِ 1969ع فلسطين جي ويهين صديءَ جي تاريخ جو سياهه ترين سال ثابت ٿيو. ٿيو ايئن ته 1964ع ۾ پي ايل او جو جي قيام جي پنجن سالن اندر فلسطيني تحريڪ ايڏي ته سگھاري ٿي وئي جو اردن ۽ سعودي عرب به ان کان خوفزده ٿي ويا ۽ ان جي چيلهه چٻي ڪرڻ لاءِ اردن جيڪو فلسطين جي مزاحمتي تحريڪ جو مرڪز بڻجي ويو هو تنهن اتي موجود پاڪستاني دستي کي “گذارش” ڪئي ته هي سر ڦريا فلسطين اردن جي شاهه جو تختو پيا اونڌو ڪن سو اوهان کين جوڳي سيکت ڏيو. پوءِ اسان جي مرد مومن برگيڊيئر ضياءُالحق جي اڳواڻيءَ ۾ فلسطين خلاف ايڏو خوني آپريشن شروع ڪيو ويو جو اسرائيل جي وزيراعظم کا به دانهن نڪري وئي ته “ايترا فلسطيني ته اسان ويهن سالن ۾ به ڪونه ماريا آهن، جيڪي هنن سورمن ماريا آهن!” فلسطين جي تاريخ ۾ ان آپريشن کي “بليڪ سيپٽمبر” جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. فلسطين خلاف ان فوجي آپريشن کان ٺيڪ ڏيڍ سال پوءِ يعني مارچ 1971ع ۾ ان کان پوءِ به سئوڻو خونخوار آپريشن پنهنجي هم وطن پاڪستاني ۽ مسلمان ڀائرن ۽ ڀينرن خلاف اوڀر پاڪستان ۾ شروع ڪيو ويو جيڪي مسلمانن جو قومي وطن حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان اڳيان اڳيان هئا ۽ پوءِ انهن مسلمانن جي قومي وطن تي پنهنجي تاريخي وطن بنگال کي اوليت ڏني ۽ اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻجي ويو.
1969ع ۾ اردن مان جلاوطن ٿيڻ کان پوءِ فلسطيني ڪڏهن به ڪٿي به محفوظ نه رهيا آهن ۽ سدائين دربدر ٿيندا رهن ٿا. ياسر عرفات ۽ جارج حباش جي اڳواڻيءَ ۾ فلسطيني اردن مان نڪري لبنان ۾ اچي پناهگزين ٿيا پر اتي به 1982ع ۾ اسرائيل فلسطيني پناهگير ڪئمپن صابره ۽شتيلا تي ايڏا ته خوني حملا ڪيا جو ڪڏهن به فلسطيني اڳواڻن ۽ فدائين کي ڪٿي ڪو ٺڪاڻو نٿي مليو. 1967ع جي ٽين عرب اسرائيل جنگ ۾ ته عربن کي تمام وڏي شڪست ملي هئي. 5 جون کان 10 جون تائين هليل ڇهن ڏينهن جي جنگ ۾ اسرائيل مصر جي سينا جي رڻ پٽ، شام جي گولان جي چوٽين، اردن ندي جي اولهندي ڪناري سان گڏوگڏ سڄي يروشلم تي به قابض ٿي ويو، جنهنکي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ٺاهڻ لاءِ اسرائيل اتي يهودين جي آبادڪاري شروع ڪري ڏني.
هي تازيون اسرائيلي فلسطين جھڙپون دراصل ان ڌاري آبادڪاريءَ جي تسلسل جو رد عمل آهن. هنن جھڙپن جي شروعات به يهودي آبادڪارن طرفان يروشلم تي اسرائيلي قبضي جي 54 سالا جشن ملهائڻ جي تقريب سان ٿيو. اسرائيل ۾ هينئر 80 سيڪڙو يهودي ۽ 20 سيڪڙو فلسطيني عرب آباد آهن. 90 لکن جي آبادي ۾ 68 لک يهودي، 18 لک فلسطيني ۽ باقي ٻيا آباد آهن، هن کان اڳ اسرائيل ۾ آباد فلسطينين ڪڏهن به ان پيماني تي بغاوت ۽ مزاحمت نه ڪئي آهي جو اسرائيل کي خانه جنگي جي صورتحال پيش اچڻ جو خطرو محسوس ٿئي. هن ڀيري تڪڙي جنگبنديءَ لاءِ اسرائيل جي راضپي پويان فلسطيني مزاحمت جي ان نئين عنصر به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. نه ته اسرائيل جي بيرحمي ۽ انسان دشمنيءَ جو عالم ته سڄي عالم آڏو آشڪار آهي. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ وجود ۾ آيل ٻنهي وطنن جي حاڪمن وٽ رحم ۽ انسانيت ناپيد آهي، مذهب ۽ تشدد جي بي رحماڻي استعمال سان گڏ آبادڪاري ذريعي پنهنجي بيٺڪي ۽ جديد بيٺڪي راڄ کي قائم رکڻ به سندن ريت ۾ شامل آهي. مذهب، قومي سلامتي ۽ رياستي مشينريءَ جي ٽيڪ جي نالي ۽ زور تي زمين، درياهن ۽ سمنڊن تي قبضا ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي بي دخلي سڀني سامراجي قوتن جي ڪري آهي، جنهن کي باز رکڻ جو ئي هڪ ئي طريقو هوندو آهي، پنهنجو پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ منظم مزاحمت جي راهه هموار ڪرڻ.
فلسطين به جيستائين ٻين عرب ۽ مسلمان ملڪن جي مدد تي پئي ڀاڙيو تيستائين کين ويساهه گھاتيون ۽ دربدريون ئي پلئه ٿي پيون. 1985ع ۾ فلسطينن پنهنجي پاڻ تي ڀاڙيندي پهرين عوامي مزاحمت “انتفاده” جو آغاز ڪيو جنهن کان پوءِ اسرائيل غزا ۽ اولهندي ڪناري تي فلسطينين جي محدود اختيارن واري حڪومت جي قيام تي راضپو ڏيکاريو. 1993ع ۾ ناروي جي شهر اوسلو ۾ فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات ۽ اسرائيلي وزيراعظم يزهاڪ رابن جي وچ ۾ آمريڪي ٽياڪڙيءَ سان امن معاهدو ٿيو جيڪو اوسلو امن معاهدي جي نالي سان مشهور ٿيو، جنهن تحت غزا پٽي ۽ اولهندي ڪناري ۾ فلسطيني حڪومت جو قيام عمل ۾ آيو. ياسر عرفات جي غزا پٽيءَ ۾ فاتحاڻي واپسيءَ ٿي ۽ اتي فلسطين نيشنل اٿارٽي جي حڪومت قائم ٿي، جيڪا به اسرائيل کي اک ۾ ڪنڊي جيان ٿي چڀي. هن فلسطين جي قومي تحريڪ جي پيٽ ۾ وار ڪندي پي ايل او ۽ ياسر عرفات جي جاءِ تي 1987ع ۾ قائم ٿيل حماس جي پٺڀرائي شروع ڪئي جنهن مذهب جي بنياد تي فلسطين جي قومي تحريڪ کي ورهائي ڇڏيو. انهن اوسلو امن معاهدي جي مخالفت جي آڙ ۾ ياسر عرفات، جارج حباش ۽ پي ايل او قيادت تي فلسطيني ڪاز تي سوديبازي ڪرڻ جا الزام هڻي فلسطيني قومي تحريڪ کي ڏڦيڙ ۽ انتشار جي ور چاڙهي ڇڏيو. پر ياسر عرفات جي جيئري فلسطين جي قومي تحريڪ جي واڳ ٻئي ڪنهن جي هٿ اچڻ ممڪن نه هئي ته چون ٿا ته ياسر عرفات کي زهر ڏئي رستو صاف ڪيو ويو.
ياسر عرفات جي موت کان پوءِ يڪدم غزا پٽيءَ ۾ حماس ۽ ياسر عرفات جي الفتح وچ ۾ خوني چڪريون شروع ٿي ويون، ياسر عرفات جي قيادت کان محروم ٿي فلسطين جي قومي تحريڪ به ڪمزور ۽ گروهه بنديءَ جو شڪار ٿي وئي جيڪا نئين تازي دم حماس آڏو نه بيهي سگھي ۽ 2007ع ۾ غزا پٽيءَ مان الفتح جو صفايو ٿي ويو ۽ اوسلو معاهدي تحت حاصل ٿيل فلسطين ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. اولهندي ڪناري تي الفتح جي حڪومت ۽ غزا پٽيءَ تي حماس جي حڪومت قائم ٿي جيڪي پاڻ ۾ لاڳيتو ست سال جنگ جي حالت ۾ رهيا ۽ پوءِ جڏهن اسرائيل ۽ حماس جو جھيڙو تيز ٿيو ته 2013ع ۾ الفتح ۽ حماس ۾ ٺاهه ٿيو جيڪو اڄ تائين قائم آهي پر فلسطين جي قومي تحريڪ مسلسل معذوري ۽ نفاق جو شڪار آهي جنهن جو فائدو وٺندي اسرائيل يروشلم ۾ يهودي آبادڪاري ۾ مسلسل اضافو ڪري يروشلم کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ قرار ڏنو جنهن کي ٽرمپ تسليم ڪري آمريڪي سفارتخانو به اوڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو. سفارتي سطح تي اسرائيل جي پيش قدمي ايتري ته وڌي وئي جو هاڻي عرب رياستن به ان کي تسليم ڪرڻ شروع ڪيو آهي.
اوهان فلسطيني قومي تحريڪ جي نفاق ۽ ڪمزوريءَ تي نظر وجھو ۽ ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ جي نفاق ۽ ڪمزوريءَ سان ڀيٽيو ته اوهان کي حيران ڪرڻ تائين هڪ جھڙايون نظر اينديون.حاڪمن ۽ غاصبن جا هر هنڌ هٿڪنڊا ساڳيا، سازشون به ساڳيون، چالون به ساڳيون، ڌرتيءَ تي والار به ساڳي، ڌرتيءَ ڌڻين تي الزام به ساڳيا. “اسان تي الزام آندا، جڳ جيئڻ جا.”
جيئڻ جا جتن ڪندي اسان به ڪڏهن هڪ ٿي وينداسين ۽ پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ديس جي واڳ غاصبن، مسخرن، ديسي دلالن ۽ ڪوڙن ڪانئرن کان کسي پنهنجي هٿن ۾ وٺنداسين.