اسحاق صاحب! ايسا تو نهين هوتا….هوتَ، نه ڪجن هيڏيون!…

0
23
اسحاق صاحب! ايسا تو نهين هوتا....هوتَ، نه ڪجن هيڏيون!...

 ننڍپڻ کان وٺي اخبارون، آتم ڪٿائون، ناول، يادگيريون ۽ سياسي ادب پڙهڻ جي ڪري ڪيترائي ليکڪ، اديب، صحافي، ناول نگار، ڪهاڻيڪار، فنڪار، اداڪارائون، اداڪار، موسيقار وغيره منهنجي لاءِ اوپرا ۽ ڌاريا نه رهيا هئا ۽ نه آهن. اهڙي طرح منهنجي لاءِ سائين اسحاق مڱرئي جو تعارف ڪڏهن به اوپرو يا ڌاريو نه رهيو. بابا سائين ڪامريڊ هو، هر روز اخبار گهر ۾ ايندي هئي، تنهن ڪري ٽئين ڪلاس کان وٺي اڄ تائين ڪتاب ۽ اخبارون ساٿي آهن. اسحاق صاحب کي مون اخبارن ۾ پڙهيو ۽ ائين اسحاق صاحب جو سڀ کان پهرين اخبار ذريعي غائبانه تعارف ٿيو ۽ گذريل ٻن ڏهاڪن کان سائينءَ سان تمام ويجهڙائي هئي.

                 گذريل پنجن چهن سالن کان وٺي اسان تقريبن روز گڏجي شام ڌاري قاسم آباد ۾ سينٽ بونا وينچر اسڪول لڳ پارڪ ۾ واڪ ڪندا هئاسين. آمريڪا اسهڻ کان اڳ فاروق سومرو صاحب به روز اتي واڪ ڪرڻ ايندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان ٽئي گڏجي به واڪ ڪندا هئاسين. مهيش ڪمار صاحب به اتي روز واڪ تي ايندو هو ۽ هاڻي به ڪڏهن ڪڏهن ايندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اشفاق لغاري ۽ راشد لغاري به اتي اچي ويندا هئا. واڪ ڪندي اسان دنيا جهان جي سڀني موضوعن تي پيا ڳالهائيندا هئاسين. سياست تي، مذهبن تي، پيغمبرن تي، ملڪي ۽ عالمي ليڊرن تي، ميرن پيرن تي، پيري مريدي تي، ٻوڏن تي، قومپرست ۽ ترقي پسند تحريڪن تي، سنڌي عوام جي سورن، دردن ۽ درمانن تي. سائين اسحاق نه صرف سڄي سنڌ گهمي هئي پر هُو پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر بنگلاديش ۽ ايران وغيره به گهمي آيو هو. هن وٽ ڪا وڏي لائبريري ته نه هئي، پر وري به هڪ ننڍڙي لائبريري ۾ پنهنجي پسند جا سڀئي ڪتاب موجود هوندا هئا. سياسي پارٽين اندر پيدا ٿيندڙ معاملن متعلق به چڱي معلومات رکندو هو. پيري مريدي جي پاڙن کان به واقف هو ۽ ان ڌنڌي کي سنڌي عوام لاءِ وڏو نقصان سمجهندو هو. ڪي به علمي، فڪري ۽ نظرياتي مونجهارا نه هئس. سائنس ۾ يقين رکندڙ هو. دنياداري جي چڱي پرک رکندو هو پر ڪڏهن به دنياداري ڪرڻ جا جتن نه ڪيا ۽ نه ئي ڪا اهڙي خواهش هئس ۽ ڪڏهن به پئسي جي پويان نه پيو. جيڪا جائز روزي هوندي هئي، ان تي پيو گذر ڪندو هو. ڪو پڇتاءُ ۽ ڪو افسوس نه هوندو هو. صحافت ۾ آيل ڪارين رڍن تي سخت تنقيد ڪندو هو. صحافت جي زوال تي بي انتها ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندو هو. آئون اڪثر چوندو هئس ته سائين توهان پنهنجيون يادگيريون لکو ۽ اسان جي عوام کي آگاهي ملندي ته اسان جي صحافت ۽ ميڊيا ۾ ڪهڙا ڪِيس ٿيا ۽ ٿي رهيا آهن. هُو هر لحاظ کان هڪ عالمي سطح جو صحافي هو ۽ سندس هر اسٽوري ۾ اهي گهرجون پوريون ٿيل هونديون هيون. هُو واٽس ايپ تي ويهي خبرون ميڙي اسٽوريز نه ٺاهيندو هو. تنهن ڪري هُو اسٽوري ڪرڻ لاءِ پوري سنڌ ويندو هو ۽ واپسي تي ڪهاڻيون، ۽ داستان کڻي ايندو هو. لوڪ ڏاهپ جا قصا اچي بيان ڪندو هو. مقامي ڏندڪٿائون بيان ڪندي سرهائي محسوس ڪندو هو. نون ڪردارن جو تعارف اچي ڪرائيندو هو. مزيدار ۽ مٺيون ڳالهيون اچي ڪندو هو ۽ خبر جي روح تائين پهچڻ لاءِ هن کي سڀني رستن جي خبر هوندي هئي.

هو پهاڙن جيڏا حوصلا رکندڙ هو، پر هن جي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ ان ۾ وڏا زلزلا ۽ طوفان آيا، جن هن کي لوڏي ۽ ڌوڏي ڇڏيو، پر لوڪ کي لکا پوڻ نه ڏنائين. سڀ کان پهرين پنهنجي پياري ڀائٽي ۽ نياڻي عرفان مڱريي جي حادثاتي وفات جي صورت ۾ آنڌي آئي ۽ هن جي اکين جي آڏو سندس نياڻيءَ جو گهر اجڙي ويو. اڃا اهڙي حالت ۾ ئي هو ته مٿان ‘حسن’ هميشه لاءِ موڪلائڻ جي ڪئي. حسن هن جو نه صرف پيارو پٽ هو، پر هن جو هم خيال هو، يار هو، دوست هو، دلبر هو، محبوب هو، اميد هو، آسرو هو، ڏڍ هو، آٿت هو، حوصلو هو، ساٿي هو، هم پيالا هو، هم خواب هو، همت هو. اهو ائين هليو ويو، ڄڻ هو خواب هو. حسن ڇا موڪلايو! ڄڻ اسحاق صاحب پاڻ موڪلايو! پر وري به دنيا کي دوکو ڏئي ڪچهريون قائم ڪيو ويٺو هو. هُو مري چڪو هو، هو هي دنيا ڇڏي چڪو هو، هو زندهه هو پر هن حياتي کان موڪلائي ڇڏيو هو ۽ هاڻ هو صرف درد ئي درد هو. اهو درد جيڪو آخر تائين ٻاهر آڻي نه سگهيو. ان درد کي به ڪنهن آٿت جي ضرورت هئي. هو وڏي آٿت ڏيندڙ هو پر هر ڪنهن کي آٿت ڏيندڙ کي به هڪ ڏينهن آٿت جي ضرورت پوي ٿي! بس هُو پاڻ ئي پاڻ کي آٿت ڏيندو رهيو. آخر ڪيستائين! هڪ ڏينهن، هڪ هفتو، هڪ مهينو سال ٻه سال! شايد پليجي صاحب به پنهنجي اهڙي ڪيفيت جو اظهار ڪندي آخري ڏينهن ۾ چيو هو ته، “روح چئي ٿو اڃان تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي ۽ کوڙ سارا ڪم رهيا پيا آهن، پر جسم هڪ طويل آرام چاهي ٿو ۽ تنهن ڪري روح ۽ جسم وچ ۾ ويڙهه هلي پئي. ڏسون جنگ ڪير ٿو کٽي!” روح نٿو ٿڪي، جسم ضرور ساڻو ٿي پئي ٿو. اسحاق صاحب جو روح هر وقت اسان ۽ دنيا جي آڏو تازو توانو لڳو پيو هوندو هو، پر اسان اهو وساري ويٺاسين ته هن وٽ هڪ جسم به هو، جنهن کي هڪ طويل آرام جي طلب هئي!

20 جنوري تي پليجي صاحب جي سالگرهه تي گڏجي مڪلي وياسين. سفر ۾ پيارو دوست ۽ ليکڪ نويد سنديلو ۽ ڊاڪٽر اياز سمون گڏ هو. واپسي تي ڪامريڊ بخشل ٿلهو، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري گڏ آياسين ۽ رستي ۾ زبردست ڪچهري ٿي. ان کانپوءِ ٻه ٽي ملاقاتون ٿيون. مارچ- اپريل ۾ سائين جي طبيعت خراب ٿي پئي. ان دوران سائينءَ سان فون تي ٻه ٽي دفعا ڪچهري ٿي. گهر آيو ۽ ملڻ ويس. ڏاڍي ڀلي ڪچهري ٿي. مون چيو توهان ته تيار لڳا پيا آهيو، پوءِ ڪا ‘محفل’ مچايون. ان تي وڏو ٽهڪ ڏئي چيائين ته ڪالهه ڊاڪٽر ايشور به اها ڳالهه ڪري ويو آهي ته توهان تيار لڳا پيا آهيو. هلو ته هينئر ئي ڪا ‘محفل’ مچايون. وڏا ٽهڪ ڏناسين. روز رستي ۾ نظرون سائينءَ جون متلاشي هونديون هيون ۽ اميد هئي ته سائين اڄ يا سڀاڻي مڪمل صحتياب ٿي اچي گڏجي واڪ ڪندو. واڪ ڪندي ڪڏهن ڪڏهن سائينءَ جون ڪجهه خوشگوار ڳالهيون ياد اينديون هيون. سائين ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي رنگ ۾ اچي اُردوءَ ۾ چوندو هو ته، ‘ايسا تو هوتا هي’. اسحاق صاحب جي طبعيت جي حوالي سان پليجي صاحب جي ورسي تي ادي فهميده ٻڌايو ته هاڻي بابا جي طبيعت ڪجهه بهتر آهي. مون چيو، پوءِ سائين فون نٿو کڻي؟ چيائين ته بابا جي فون هن جي ڌيءَ وٽ آهي. ڳوٺ ۾ گهٽ سگنل هئڻ جي ڪري آئون گهڻو ڪري سوشل ميڊيا نه ڏسندو آهيان. آچر جي ڏينهن شام جون فون ڏٺم ته ڊاڪٽر اياز جون ٽي چار ڪالون لڳل هيون. واپس فون ڪيم ته چيائين تون ڪٿي آهين؟ ٻڌايم ڳوٺ آهيان. چيائين: سائين اسحاق گذاري ويو آهي ۽ اسان سانگهڙ لاءِ نڪرون پيا. آئون خاموش ٿي ويس. واٽس ايپ کوليم ته پياري اشفاق ۽ ٻين دوستن  جا ميسج هئا. دل ڀرجي آئي، اکيون آليون ٿي ويون. من ۾ ماٺار ٿي وئي. ٻار ٿلهي تي کيڏي رهيا هئا، گهر جا ڀاتي رات جي مانيءَ جي تياري ڪري رهيا هئا. ٻاهر آيس ته عيد جون تياريون هيون ۽ وٺ پڪڙ هئي. سوچيم ته انهن مان ڪيترن کي خبر هوندي ته سنڌي صحافت جو هڪ وڏو نالو اڄ هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهي! خاموشي سان اڪيلو فصلن طرف هليو ويس. سر سبز ۽ ساوا فصل ۽ اتي انتهائي ڏک ۽ پنهنجائپ مان اسحاق صاحب کي ڏوراپو ڏيندي چيم: “اسحاق صاحب ايسا تو نهين هوتا”!