اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي شريڪ اڌ ميمبرن استعيفائون ڏيڻ واري تجويز جي مخالفت ڪئي، استعيفيٰ ڏيڻ جي مخالفت ڪندڙن ۾ اڳوڻو وفاقي وزير فخر امام، شاهه محمود قريشي به شامل هئا، جڏهن ته استعيفائن جي حمايت ۾ حماد اظهر، فواد چوڌري، شيخ رشيد ۽ ٻيا شامل هئا، پي ٽي آءِ جا قومي اسيمبلي ۾ 155 ميمبر آهن جن مان پي ٽي آءِ جي ذميوار ذريعن مطابق پي ٽي آءِ کي 125 ميمبرن جون استعيفائون جمع ٿي چڪيون آهن، ائين پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ 30 ميمبرن آخري اطلاعن تائين پارٽي کي استيعفائون جمع نه ڪرايون آهن، جن ۾ پي ٽي آءِ جا 22 باغي ميمبر به شامل آهن.