ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) تعليم کاتي پاران استادن جي حاضري چڪاسڻ وارو بايوميٽرڪ سسٽم ڊويزنل سطح تي آڻڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  تعليم کاتي جي اختيارين پاران استادن توڙي ٻئي عملي جي بدلين ۽ مقررين کانپوءِ بايوميٽرڪ تبديل ڪرڻ وارو سسٽم ڊويزنل سطح تائين آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته استاد تنظيمن جي مطالبي کانپوءِ تعليم کاتي جي اختيارين اهڙو فيصلو ڪيو آهي.