ڪراچي: پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر قيصر سجاد ۽ ٻين چيو آهي ته ڪراچي جون حالتون بهتر ناهن، ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي. حڪومت کي گھرجي ته ڪورونا ڪيسن تي ضابطو آڻڻ لاءِ تڪڙو لائحه عمل جوڙي، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڀارت جهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، هن وقت اسان کي ڪورونا سان گڏ معيشت تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته سماجي وٿيءَ ۽ ماسڪ پائڻ تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي. هن چيو ته حڪومت پاران ايس او پيز تي عمل لاءِ فوج کي گھرائڻ بهتر قدم آهي.