پشاور (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسين وقت تي حڪومت ڇڏي رهيا آهيون، هاڻي نگران حڪومت ايندي، باجوڙ ڌماڪو سانحو آهي، ان تي سياست نه ڪرڻ گھرجي. صبر ۽ بردباري سان اسين هي جنگ کٽينداسين، هن سوال اٿاريو ته ملڪ جون 26 ايجنسيون ڪٿي گم آهن. پشاور ۾ ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته  اسان تي حملا ٿيا، اسان جا ڪارڪن شهيد ٿيا، سمورين قربانين جي باوجود اسان حق جو جھنڊو اوچو رکيو. هن چيو ته ڇا اسان جا ادارا رڳو ان لاءِ رهجي ويا آهن ته ڪنهن مدرسي ۾ وڃي ڪنهن غريب مولويءَ کي پڪڙي اچن. هن چيو ته 26 ادارا آهن انٽيليجنس جا، اهي ڪٿي گم آهن. هن چيو ته  بي گناهه ماڻهن جو رت وهائڻ تي فخر ڪندڙن کي شرم اچڻ گھرجي.  هن چيو ته هر مصيبت جو مقابلو ڪيو آهي، اسان جي ڪارڪنن جا حوصلا بلند آهن، قومن تي آزمائشون اينديون رهنديون آهن. جن ورڪرز ڪنوينشن کي نشانو بڻايو انهن ذميواري قبولي ورتي آهي. هاڻي پوائنٽ اسڪورنگ نه ٿيڻ گھرجي.  فضل الرحمان چيو ته اسان کي آپي مان ناهي نڪرڻو، اسان دهشتگردي جو جواب دهشتگردي سان نه ڏينداسين. هن چيو ته وقت تي اليڪشن ٿيڻ لاءِ وقت سر حڪومت ڇڏي رهيا آهيون. اليڪشن نه ٿيڻ بابت ڪا ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. اسان جي پوري ڪوشش آهي ته چونڊون وقت تي ٿين. هن چيو ته باجوڙ واقعي ۾ 60 کان وڌيڪ ڪارڪن شهيد ٿيا آهن 200 کن ڪارڪن زخمي آهن. ڪارڪن بهادر آهن، جن کي دلاسو ڏيڻ آيو آهيان انهن مون کي دلاسو ڏنو. هن چيو ته گڏيل قومن جي فورم تي به باجوڙ ڌماڪي جي مذمت ٿي، هن واقعي ۾ بي گناهه ماڻهن جو رت وهايو ويو.