اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سينئر صحافي ارشد شريف قتل تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ اڄ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس محمد علي مظهر به بئنچ ۾ شامل آهن. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي کان يو اي اي ۽ ڪينيا ۾ جاچ تي رپورٽ طلب ڪئي آهي.