اسلام ڪوٽ (ن پ ا) ارباب گروپ جي اڳواڻ اڳوڻي ضلعي ناظم ارباب انور، پي ٽي آءِ منارٽي جو اڳواڻ ڪرشن شرما سماجي اڳواڻ ماما وشن ٿري ۽ ٻين مقتول دودي ڀيل جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪري هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ارباب انور ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي صحافين سان پيش آيل تشدد واري واقعي تي يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ٿر جي چونڊيل نمائندن جي نااهلي سبب ٿر جو امن تباھ ٿي رهيو آھي. دودو ڀيل ڪيس توڙي پر امن مظاهرين ۽ صحافين تي ٿيل تشدد جو ذميوار ايس ايس پي ٿر آھي جنهن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي سگهي آھي. سنڌ حڪومت جي سپورٽ سبب ايس ايس پي طاقتور بڻجي چڪو آھي. انهي ڪري انهي جي موجودگي ۾ اسان متاثر ڌرين سان انصاف جي اميد نٿا رکي سگهون اسان 10 جولاءِ تي مٺيءَ ۾ تاريخ ساز ڌرڻو هڻي رهيا آھيون، جنهن ۾ سموريون ڌريون شامل هونديون.