ٺٽو ( رپورٽر )  قومن ۾ علم، شعور ۽ سجاڳي شاعر اديب ۽ قلمڪار پيدا ڪندا آھن، موجوده دور ۾ نج علمي ادبي تنظيمن ۾ سياسي مداخلت، گروپ بنديء سچن ۽ سٺن اديبن شاعرن کي ماٺ ڪرائي گھرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي اهڙو اظهار جھوني اديب ۽ ڪهاڻيڪار عزيز ڪينجھرائي جي صدارت ۾ ٿيل سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽو جي  گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙ اديبن ، شاعرن ، قلمڪارن ۽ ليکارين ، صوفي شاعر فقير غلامم حسين گگدام ، ذوالفقار علي ٺٽوي ڪاتيار ، ٻارآني ادب جي شاعر احسان هاليپوٽو ، ناز ڀٽو ناهيو ، نيسم راجا ڪلهوڙو ، محمد ابراهيم هيجب ، لعل بخش ڪاتيار ، نبي بخش بهراڻي ، حافظ رشيد احمد قريشي ، سلمان عبدالله ، فرحان صاحبراڻي ، ساس شاخ ٺٽو ۽ ضلعي جي نئين رابطا سيڪريٽري  فقير اڪرم مڱڻهار ۽ ٻين خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته چيو ته ادبي تنظيمن مان نظرياتي ادبي ڪم ختم ٿي ويو آھي ۽ ھاڻ رڳو ووٽن جي اڪثريت ۽ اقليت واري سياست ۽ سازش شروع ڪري سنڌ جي شعور ۽ سجاڳيء سان دشمني ڪئي پئي وڃي جڏهن ته هنن اهو به هنن چيو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽو تاريخي شاخن مان ھڪ آھي، ھن شاخ ھميشه سياست کان پاڪ ٿي صرف پنهنجو نظرياتي علم ۽ ادب وارو ڪم ڪيو آھي، جنهن جي سنڌ جي متحرڪ ترين شاخن مان ھئڻ ڪري الڳ سڃاڻپ آھي ۽ اھو ئي سبب آھي جو ھن جو ھر علمي ۽ ادبي فورم تي مان عزت ۽ قدر آھي جڏهن ته ساس شاخ ٺٽو جي فقير اڪرم مڱڻهار شاخ جي ڪارڪردگي ۽ تنظيم جي موجوده صورتحال تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي.