لاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا زارا نور عباس مردن جي حمايت ۾ سامهون اچي وئي، سندس چوڻ آهي ته مردن تي سڀ کان گهڻيون ذميواريون ۽ بار هوندا آهن، زارا نور عباس تازو ئي نجي ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي زندگي سميت ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اداڪارا چيو ته جيڪڏهن عورتن کي هر شيءَ جو حق کپي ته پوءَ مردن جي حقن جو به خيال ڪيو وڃي، ڇو ته هن مهانگائي جي دور ۾ اڪيلو مرد گهرواريءَ ۽ ٻارن جي هر خواهش جو خيال رکندو آهي، گهرن جي بجلي ۽ گئس جا ڳرا به انهي کي ڏيڻا هوندا آهن، پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ۾ هن ٻڌايو ته گهر ۾ جيترا به ماڻهو آهن، انهن کي گهرجي ته ڪجهه نه ڪجهه ڪم ڪرن ته جيئن گهر جي خرچن جو ٻوجهه گهٽجي سگهي.