اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نجڪاري جي نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد چيو آهي ته پڪ ڏياريان ٿو ته پي آءِ اي بند نه ٿيندي، نجڪاري جو عمل مڪمل ڪنداسين، پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پي آءِ اي کي رقم جاري ڪرائي مسئلو حل ڪرايو، اڳوڻي حڪومت پاران مليل اختيارن ۽ آئين تحت ڪم ڪري رهيا آهيون، ڪو به نئون ادارو نجڪاري لسٽ ۾ شامل ناهي ڪيو، چونڊن جو اعلان ٿي چڪو آهي، جنوري تائين نجڪاري پلان تي عمل ڪنداسين، هن چيو ته اسٽيل ملز جي نجڪاري سان اها زميني جي ملڪيت ڏيندا سين جنهن تي انفرا اسٽيڪچر اڏيل آھي، وفاقي وزير چيو ته سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۾ ملازمن جو ڀرپور خيال رکيو ويندو، نوڪرين مان نيڪالي نه ڏني ويندي، جيڪي ملازم پاڻ ملازمت ڇڏڻ چاهين انهن لاءِ اسڪيم متعارف ڪرائي ويندي، هن چيو ته مون جنهن ڏينهن وزارت سنڀالي هئي پي آءِ اي بند ٿيڻ واري هئي.