اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اختلاف ختم نٿا ڪرائي سگهو ته انهن کي نرم ته ڪري سگهجي ٿو. تحريڪ انصاف جي وفد سان ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 10- 15 سالن کان جاري آپريشن باوجود دهشتگردي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ آئين ۽ پارليامينٽ جي حيثيت ناهي رهي، جمهوريت هاري رهي آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ عمر ايوب چيو ته پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي پاسداري لاءِ جدوجهد ڪرڻ چاهيون ٿا،  اسد قيصر جو چوڻ هو ته آئين جي بالادستي لاءِ سمورن طبقن کي هڪ ٿيڻو پوندو، ڇا قانون جي حڪمراني واري ملڪ ۾ رئوف حسن تي حملي جهڙو واقعو ٿي سگهي ٿو؟ مولانا کي الله طاقت ڏني آهي چاهيون ٿا ته اها طاقت آئين جي بالادستي لاءِ استعمال ڪري