ڪابل(م ڊ) افغانستان جي اڳوڻي جهادي ڪمانڊر احمد شاهه مسعود جي پٽ ۽ اڳوڻي نائب صدر طالبان جي حڪومت کي مڃڻ کان انڪار ڪندي مزاحمت جو اعلان ڪيو آهي ۽ وادي پنج شير پهچي ويا آهن. احمد شاهه مسعود جو پٽ احمد مسعود ڪالهه هيلي ڪاپٽر وسيلي وادي پنج شير پهتو. جتي اڳوڻو نائب صدر امر الله صالح به موجود آهي. ٻئي اتان طالبان خلاف مزاحمت ڪندا. احمد مسعود رائل ملٽري اڪيڊمي سينڊهرسٽ برطانيا مان گريجوئيٽ آهي.