گهوٽڪي (رپورٽر) سنڌ جي تاريخي ماڳ ماٿيلو مومل جي ماڙي جي سنگت آفيس ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ماٿيلو مومل جي ماڙي پاران سنڌي ٻولي جي خوبصورت ۽ پياري شاعر احمد خان مدھوش جي 14 ھين ورسي تعليمي ماھر ۽ دانشور استاد محمد عمر ڪلادي جي صدارت ۾ ملھائي وئي، جنھن جو مھمان خاص سنڌي ٻولي جو ناليوارو اديب ۽ شاعر عبدالحئي ڀٽو ھو، ورسي تقريب ۾ سنڌي ٻولي جي ناليوارن اديبن، شاعرن، سگھڙن ۽ دانشورن علي حسن منگي، عبدالوحيد شيخ، عبدالحميد ڪلادي، خدابخش ٻرڙو ۽ ٻين احمد خان مدھوش کي خوبصورت لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته احمد خان مدھوش سنڌي ٻولي جو خوبصورت ۽ بيباڪ شاعر ھو، جنھن جي شاعري ۾ ديس جي مظلوم ۽ بي پھچ ماڻھن جا ڏک ۽ درد سمايل آھن، شاعري ۾ پيار، پريت، ڀائيچاري ۽ امن جي به ڳالھه چيل آھي، مدھوش پنھنجي زندگي ۾ سنڌي ادب، سنڌي ٻولي ۽ ڌرتي جي خوب خدمت ڪئي، ھو سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي سڃاڻ ھئي.