لاهور (م ڊ) لاهور جي احتساب عدالت پلاٽ الاٽمينٽ جي ريفرنس ۾ نواز شريف کي بري ڪري ڇڏيو، احتساب عدالت جي جج رائو عبدالجبار ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، نواز شريف جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته نيب بدنيتي جي بنياد تي ريفرنس ٺاهيو هو، نوازشريف جو پلاٽ جي الاٽمينٽ ۾ ڪو به ڪردار نه هو، وڪيل چيو ته نيب جي نئين قانون تحت به اهو ڪيس نه ٿو ٺهي سگهي، عدالت دليل ٻڌڻ بعد نوازشريف کي ريفرنس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو.