احتساب عدالت جي جج محمد بشير رٽائرمينٽ تائين موڪل واري درخواست واپس وٺي ڇڏي

0
65
احتساب عدالت جي جج محمد بشير رٽائرمينٽ تائين موڪل واري درخواست واپس وٺي ڇڏي
احتساب عدالت جي جج محمد بشير رٽائرمينٽ تائين موڪل واري درخواست واپس وٺي ڇڏي

احتساب عدالت اسلام آباد جي جج محمد بشير پنهنجي رٽائرمينٽ تائين موڪل واري درخواست واپس وٺي ڇڏي

ذريعن موجب قانون ۽ انصاف واري وزارت جج جي رٽائرمينٽ تائين موڪل واري درخواست منظور نه ڪئي، جج محمد بشير جي عدالت ۾ پي ٽي آءِ جي باني خلاف توشه خانه ۽ 190 ملين پائونڊز اسڪينڊل جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن

جج محمد بشير هلندڙ سال 14 مارچ تي رٽائر ٿي رهيو آهي، جج 14 مارچ تائين موڪل جي درخواست ڏني هئي، جج محمد بشير نوازشريف ۽ ٻين خلاف ڪيسن جون ٻڌڻيون به هلائي چڪو آهي