قادرپور (ن پ ا) قادرپور ۾ ڪڻڪ جي گدامن ۽ واپارين وٽ مزدوري ڪندڙ پورهيتن ڪم بند ڪري قادرپور مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن محرم ميراڻي، حبيب الله سندراڻي، نظيراحمد ميراڻي، اصغر ميراڻي ۽ ٻين دانهيو ته  اسان  کي 7 سال اڳ وارو في ٻوري تي گاڏي لوڊ ڪرڻ ۽ ٻوري لاهڻ تي گهٽ  مزدوري ڏني وڃي ٿي، جيڪا ناانصافي آهي، هنن چيو ته  مهانگائي سبب گهرن ۾ ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، نوٽيس وٺي اجورو وڌائي انصاف ڪيو وڃي. هنن چيو ته جيستائين مطالبا تسليم نه ٿيندا ڪم ڇڏ هڙتال جاري رهندي.