مشي گن(انٽرسٽنگ نيوز) امريڪي عورت اجنبي جي مشوري تي عمل ڪري 40 لک ڊالرز (پاڪستان 80 ڪروڙ رپين) جي مالڪڻ بڻجي وئي. امريڪي ميڊيا رپورٽ موجب رياست مشي گن واسڻ 50 سالن جي نصيب خاتون ميڊيا کي ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏ سفر ڪري رهي هئي ته رستي ۾ گئس ڀرائڻ لاءِ بيٺاسين. عورت ٻڌايو ته اسان جڏهن گاڏيءَ ۾ گئس ڀرائڻ لاءِ لائن ۾ انتظار ڪري رهيا هئاسين ته اوچتو هڪ شخص آيو ۽ اسان کي چيو ته 30 ڊالرن واري مشي گن لاٽري خريد ڪيو، مونکي لڳي ٿو ته اوهان لازمي 4 ملين ڊالرز جو انعام کٽندا. عورت چيو ته اسان ڪجهه دير کانپوءِ سوچيو ۽ پوءِ لاٽري ٽڪٽ خريد ڪئي. هنن ٻڌايو ته اسان اسڪريچ آف ٽڪٽ خريد ڪري گاڏي ۾ آياسين ۽ ٽڪيٽ کي اسڪريچ ڪيو ته دنگ رهجي وياسين اسان حقيقت ۾ چاليهه لک ڊالرز  کٽي ويا هئاسين.