نئين دهلي(م ڊ) هندستاني رياست اترپرديش جي ضلعي هٿراس جي هڪ ڳوٺ ۾  هندو ديوتا جي جشن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 150 کان وڌيڪ ماڻهو لتاڙجي مري ويا، جڏهن ته سوين زخمي ٿي پيا، هندستاني عملدارن موجب مارجي ويلن ۾ وڏو تعداد عورتن جو ٻڌايو پيو وڃي، فوتين جي انگ ۾ اضافي جوخدشو آهي، ايٽا جي ايس ايس پي راجيش ڪمار سنگهموجب اهو واقعو پولاري ڳوٺ ۾ ست سنگ دوران پيش آيو، مقامي عورت موجب اها تقريب مقامي هندو گرو جي اعزاز ۾ منعقد ڪئي وئي هئي. ڀاڄ جو واقعو نئين دهلي ويجهو ڳوٺ ۾ پيش آيو، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، پوليس موجب ان تقريب ۾ شرڪت لاءِ هزارين ماڻهو ايندا آهن. واقعي کانپوءِ يو پي جي وڏي وزير يوگي اديتيا ناٿ مرندڙن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو.