اتحادي حڪومت قانونسازي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا: قومي اسيمبلي ۾ عمران کان وڌيڪ شهباز حاضر رهيو

0
132
اتحادي حڪومت قانونسازي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا: قومي اسيمبلي ۾ عمران کان وڌيڪ شهباز حاضر رهيو
اتحادي حڪومت قانونسازي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا: قومي اسيمبلي ۾ عمران کان وڌيڪ شهباز حاضر رهيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فافن پندرهين قومي اسيمبلي جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته معاشي، سياسي، عدالتي ۽ آئيني بحران جي باوجود اسيمبلي پنهنجي مدت کي مڪمل ڪرڻ لاءِ دٻاءَ جو مقابلو ڪيو، پندرهين قومي اسيمبلي قانونسازي ۾ گذريل ٽن اسيمبلين کي پوئتي ڇڏي ڏنو

قومي اسيمبلي گذريل قومي اسيمبلي جي 205 قانونن جي مقابلي ۾ 322 قانون منظور ڪيا، جن مان 99 بل نجي ميمبرن جو هئا، قومي اسيمبلي ۾ پهريون ڀيرو وزير اعظم خلاف عدم اعتماد جي رٿ ڪامياب ٿي، 1977ع کان پوءِ پهرين اسيمبلي هئي جيڪا مقرر مدت کان پهريان ختم ڪئي وئي، 54 سيڪڙو قانونسازي مسلم ليگ (ن) جي اتحادي حڪومت جي 16 مهينن ۾ ڪئي وئي، جاري ڪيل رپورٽ مطابق قومي اسيمبلي 52 اجلاسن مان 442 ورڪنگ ڏينهن ۾ 1310 ڪلاڪ 47 منٽ ڪم ڪيو، اسد قيصر 40 ۽ قاسم سوري 73 سيڪڙو اجلاسن جي صدارت ڪئي

راجا پرويز اشرف 53 سيڪڙو ۽ زاهد دراني 29 سيڪڙو اجلاسن جي صدارت ڪئي، عمران خان وزيراعظم طور 9 سيڪڙو، شهباز شريف 17 سيڪڙو اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي، مخالف ڌر جي اڳواڻ طور شهباز شريف 27 سيڪڙو ۽ راجا رياض 40 سيڪڙو اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي، اجلاسن ۾ حاضري جي شرح  پهرين سال ۾ 73 سيڪڙو هئي، جيڪا آخري سال ۾ گهٽ ٿي 34 سيڪڙو رهجي وئي، 131 ڀيرا ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي

اجلاس ۾ 74 ڀيرا مظاهرا ڪيا ويا، سڀ کان وڌيڪ ترميمي بل اعليٰ تعليم بابت هئا، معيشت ۽ واپاري معاملا، ايف اي ٽي ايف ۽ ٽيڪس معاملن تي ٽئين نمبر تي قانون سازي ٿي، انصاف بابت به قومي اسيمبلي ۾ ترجيحي قانونسازي ٿي، قومي اسيمبلي ڪجهه ڏوهن ۾ موت جي سزا به ختم ڪئي، 58 بل پيش ٿيڻ واري ڏينهن يا ٽن ڏينهن جي اندر منظور ڪرايا ويا، اسيمبلي 152 قراردادون منظور ڪيو، قومي اسيمبلي ۾ 9765 سوال، 423 ڌيان ڇڪايو نوٽيس آندا ويا، قومي اسيمبلي جي ستن ميمبرن نه ڪا ايجنڊا پيش ڪئي نه بحث ۾ شريڪ ٿيا، جن مان 4 پي ٽي آءِ، ٻه پي پي پي پي ۽ هڪ مسلم ليگ (ن) جا هئا

مسلم ليگ (ن) جي بيگم طاهره بخاري سڀ کان وڌيڪ 98 سيڪڙو اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي، پي پي پي پي جو نوابزده افتخار احمد بابر 96 سيڪڙو، جماعت اسلامي جو مولانا عبدالاڪبر چترالي 95 سيڪڙو اجلاسن ۾ حاضر رهيا، جڏهن ته مسرت مهيسر 94 سيڪڙو، سردار امجد فاروق خان 94 سيڪڙو، رانا شميم 93 سيڪڙو، نثار چيما 92 سيڪڙو، شاهده اختر علي 92 سيڪڙو، شميم آرا پنهور 92 سيڪڙو، نديم عباس 92 سيڪڙو اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي

جڏهن ته پارلياماني ليڊرن مان پيپلزپارٽي جي  بلاول ڀٽو زرداري 23 سيڪڙو، ايم ايم اي جي اسد محمود 50 سيڪڙو، اي اين پي جي  امير حيدر هوتي 20 سيڪڙو، ق ليگ جي  طارق بشير چيما 55 سيڪڙو، ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديقي 28 سيڪڙو، پي ٽي آءِ جي  محمد افضل ڌانڌلا 59 سيڪڙو، پي ٽي آءِ جي سربراهه  عمران خان 7 سيڪڙو، شاهه محمود قريشي 30 سيڪڙو، جي ڊي اي جي غوث بخش مهر 56 سيڪڙو، باپ جي  خالد مگسي 74 سيڪڙو، مسلم ليگ ن جي  خواجا آصف 68 سيڪڙو، جمهوري وطن پارٽي جي شاهه زين بگٽي 44 سيڪڙو، بي اين پي مينگل جي سردار اختر مينگل 16 سيڪڙو اجلاسن ۾ شريڪ ٿيا

هي به پڙهندا

ملڪ ۾ جشن آزادي جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي