اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي ميمبر قومي اسيمبلي شائسته پرويز ملڪ ۽ قانوني معاملن جي ترجمان بئرسٽر عقيل ملڪ آمريڪي ڪانگريس پاران پاڪستان بابت پاس ڪيل قرارداد جي رد عمل ۾ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ تي پريس ڪانفرنس ڪئي. بئرسٽر عقيل ملڪ چيو ته اها قرارداد ڪالهه پارليامينٽ ۾ اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي، هڪ سياسي پارٽي ان جي سخت مخالفت ڪئي، هن چيو ته ڪو به پاڪستاني، پاڪستان جي خودمختياري ۽ سلامتي کي نقصان پهچڻ نه ڏيندو، هي سياسي پارٽي ايبسلوٽلي ناٽ ۽ غلام نامنظور جا نعرا هڻندي رهي پر آمريڪا ۾ لابنگ فرم ذريعي قرارداد پاس ڪرائي، قومي اسيمبليءَ جي ميمبر شائسته پرويز ملڪ چيو ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي ٻاهرين مداخلت جي اجازت ڪنهن کي به نه ڏينداسين.