فلوريڊا (انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ پيرسن شخص جا نڇ ڏيڻ سان آنڊا نڪري آيا. ان ڏس ۾ پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ اهو واقعو ٿيو آهي، 63 ورهين جي شخص کي آنڊا نڪري اچڻ تي اسپتال داخل ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته متاثر پيرسن شخص کي پروسٽيٽ ڪينسر هو، جنهن لاءِ سندس آئپيرو اسڪوپي سرجري به ٿي، جڏهن ته سندس ريڊيشن ٿراپي به ڪئي وئي، پر پيچيدگين جي ڪري سندس مثانو ڪڍڻ لاءِ ٻيهر آپريشن ڪرڻو پيو. آپريشن جي 15 ڏينهن بعد ڊاڪٽرن کيس صحت مند قرار ڏنو ۽ صحت بهتر ٿيڻ جي خوشي ۾ ڄاڻايل شخص جي گھر ڀاتين جشن رکيو، جشن ملهائيندي همراهه کي نِڇ آئي ته سندس آپريشن واري جاءِ تان سندس پيٽ مان آنڊا نڪري آيس. واقعي بعد همراهه جي زال ايمبولينس گهرائي ورتي ۽ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته تيز نڇ ڏيڻ سبب همراهه جا 3 انچ آنڊا ٻاهر نڪري آيا. زخم مان معمولي مقدار ۾ رت به وهڻ لڳو، جنهن بعد ڊاڪٽر ڪاميابي سان سندس آنڊن کي جسم اندر منتقل ڪري ڇڏيو.بعد ۾ ڪجهه ڏينهن بعد مريض کي گھر وڃڻ جي اجازت به ڏئي ڇڏي.