نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي تخت گاهه نئين دهلي جي هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ڪورونا جي موجوده صورتحال ۾ اسپتالن ۾ آڪسيجن جي فراهمي روڪيندڙن کي ڦاهي ڏني ويندي. ڀارت ۾ ڪورونا وبا انتهائي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي ۽ روز جي بنياد تي لکين ڪيس ۽ هزارين فوتگيون سامهون اچي رهيون آهن. ڀارت جون اسپتالون مريضن سان ڀرجي ويون آهن، جڏهن ته لاش ساڙڻ لاءِ شمشان گهاٽن ۾ جاءِ به گهٽجي وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ نئين دهلي هاءِ ڪورٽ طرفان هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته اها وبا جي لهر سونامي آهي ۽ ان صورتحال ۾ آڪسيجن جي فراهمي روڪيندڙن کي ڦاهي ڏني ويندي. هوڏانهن ڀارت ملڪ ۾ خراب صورتحال سبب ڪورونا ويڪسين جي برآمد تي به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.