اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت آپريشن عزم استحڪام جي حوالي سان سياسي پارٽين جا تحفظات ختم ڪرڻ لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي قازقستان جي وطن واپسي تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ شهباز شريف سمورين پارٽين کي اعتماد ۾ وٺندو، وزيراعظم جي وطن واپسي بعد آل پارٽيز جي هنڌ ۽ تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو، ايندڙ هفتي اي پي سي ٿيڻ جو امڪان آهي، پي ٽي آءِ، جي يو آءِ، اي اين پي آپريشن جي مخالفت ڪئي هئي