آپريشن عزم استحڪام

0
16
آپريشن عزم استحڪام

 حڪومت پاڪستان ڪي پي ڪي ۾ تيرھون ملٽري آپريشن ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اھو فيصلو ڪيو ويو تہ ڪي پي ڪي ۾ طالبان پاڪستان جو اثر وڌي ويو آھي ۽ انھن ڪي پي ڪي جي ڪجھ علائقن ۾ قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آھي ۽ روز دھشتگردي جون ڪاروايون ڪن ٿا ان ڪري صوبي ۾ ھڪ دفعو وري فوجي آپريشن ڪيو ويندو. ھن آپريشن جي فيڊرل ڪبينيٽ پڻ اجازت ڏيئي ڇڏي، مگر ان کي پي ٽي آئي رد ڪري ڇڏيو ۽ ٻئي ڏينھن وزير اعظم آفيس مان آپريشن بابت ھڪ وضاحتي بيان پڻ آيو تہ آپريشن عزم استحڪام پھرين وارن آپريشن کان مختلف ھوندو. مگر انجي باوجود ڪي پي ڪي جي سڀني سياسي پارٽين ھن آپريشن جي مخالفت ڪري ڇڏي آھي. ياد رھي ھن آپريشن کان پھرين ڪي پي ڪي ۾ 12 وڏا آپريشن دھشتگردن خلاف ٿي چڪا آھن، جن ۾ آپريشن الميزان، آپريشن راھ حق، آپريشن زلزلہ، آپريشن صراط مستقيم، آپريشن شير دل، آپريشن راہ راست، آپريشن بليڪ ٿنڊر اسٽاٽرم، آپريشن بريخنہ، آپريشن راھ نجات، آپريشن ڪوھ سفيد، آپريشن ضرب غضب ۽ آپريشن ردالفساد شامل آھن. ھي سڀ آپريشن ملڪ جي مختلف فوجي سربراھن جي دورن ۾ ٿيا ۽ انھن آپريشن جي ڪري فوجي سربراھن کي مجبوري ۾ پنھنجي عھدن ۾ ايڪسٽينشن وٺڻي پئجي وئي. فوجي سربراھ تہ چوندا رھيا تہ ھو عزت سان گھر وڃڻ ٿا گھرن مگر مجبورن انھن کي ايڪسٽينشن وٺڻي پئجي وئي ڇو تہ ھو آپريشن کي وچ ۾ ڇڏي وڃي نہ پئي سگھيا. ھن وقت بہ حالتون ڪجھ اھڙيون آھن، سو ماڻھن جو خيال آھي ھن آپريشن جي ھن وقت جي فوجي سربراھ لاءِ ايڪسٽينشن وٺڻ ڪا مجبوري نہ ٿي پوي.

ڪي پي ڪي جي ماڻھن جو خيال آھي تہ فوجي آپريشن سان دھشتگردي ۾ گهٽتائي نٿي اچي ۽ آپريشن جي نتيجي ۾ دھشتگري جي واقعن ۾ اضافو ٿئي ٿو. ھلندڙ سال ۾ ملڪ ۾ 700 کان وڌيڪ دھشتگردي جا واقعا ٿي چڪا آھن، جنھن ۾ 1000 کان وڌيڪ ماڻھو اھڙن واقعن ۾ مري چڪا آھن. ھي اضافو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 80 سيڪڙي کان مٿي آھي. ان کان سواءِ آپريشن جي ڪري ھزارين ماڻھو آئي ڊي پي ٿي وڃن ٿا، جيڪي پنھنجي روزي سان لڳل ھوندا آھن، انھن کي پنھنجو روزگار ڇڏڻو ٿو پوي. جنھن جي نتيجي ۾ صوبي ۾ بيروزگاري ۽ غربت وڌي ٿي.

ھن آپريشن جي پي ٽي آئي جيڪا مخالفت ڪري پئي، اُھا تہ ڳالھ سمجھ اچي پئي ڇو تہ اپوزيشن وارن کي حڪومت جي ھر ڪم جي مخالفت ڪرڻي آھي، مگر عوامي نيشنل پارٽي جيڪا دھشتگردي جو شڪار رھي آھي اُھا پڻ آپريشن عزم استحڪام جي مخالفت ڪري رھي آھي. مولانا فضل الرحمان جيڪو ھميشہ اسٽيبلشمينٽ جي ھا ۾ ھا ملائيندو آھي، اھو پڻ آپريشن جي مخالفت ڪري رھيو آھي.                              ھي حڪومت لاءِ وڏو چئلينج آھي جڏھن صوبي جا سڀئي اسٽيڪ ھولڊرز آپريشن جي مخالفت ڪن، اُتي آپريشن جو ڪامياب ٿيڻ ناممڪن واري ڳالھ ٿو لڳي.

ھڪ بين الااقوامي اداري سان ڪم ڪندڙ ھڪ صحافي جو چوڻ ھو تہ، ٽي ٽي پي جي حڪمت عملي ۾ بہ وڏي تبديلي آئي آھي. اڳي ٽي ٽي پي وارا عوام کي دھشتگردي جو نشانو بڻائيندا ھئا مگر ھاڻي ٽي ٽي پي وارن رڳو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ماڻھن يعني پوليس، رينجرز ۽ فوج کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو آھي، جنھن جو عام ماڻھن جي ڪاروبار تي فرق نٿو پوي. انڪري ھو ٽي ٽي پي جي آپريشن جي مخالفت ڪري رھيا آھن.

ھن وقت ڪي پي ڪي جي اترئين علائقن ۾ حڪومت جي رٽ ئي ناھي، اتي ھاڻي وري جرگا ٿيڻ شروع ٿي ويا آھن، نياڻين جي اسڪول تي وڃن تي پابندي آھي مگر ڪي پي ڪي جي صوبائي حڪومت بلڪل ٽي ٽي پي جي سامھون بيوس نظر اچي ٿي. شھباز حڪومت جا وزير وري پي ٽي آئي تي الزام ھڻن ٿا تہ انھن ٽي ٽي پي وارن کي ڪي پي ڪي ۾ واپس گھرايو مگر اُھو نٿا چون تہ اُھا پاليسي پڻ اسٽيبلشمينٽ جي ھئي، جن پي ٽي آئي جي حڪومت کي نہ روڪيو.

ھن وقت فيڊرل حڪومت جي لاءِ وڏي ۾ وڏو مسئلو اھو آھي تہ چين پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي نٿو ٿئي، چين جي ھڪ وزير چيو آھي تہ جيستائين امن نہ ٿيندو، انھن لاءِ سي پيڪ 2 لاءِ ڪم ڪرڻ ناممڪن آھي. ان ٻڌايو تہ چين جا انجنيئرز ۽ انھن لاءِ ڪم ڪندڙ انشورنس واريون ڪمپنيون پاڪستان اچڻ لاءِ تيار ئي ناھن. جيستائين ملڪ ۾ امن نہ ٿيندو اوستائين پاڪستان ۾ سي پيڪ 2 لاءِ ڪم ڪرڻ ڏکيو آھي. فيڊرل حڪومت اعلان تہ عزم استحڪام آپريشن جو ڪري ڇڏيو آھي، مگر اھڙي آپريشن جي ڪامياب ٿيڻ جا امڪان تمام گھٽ ٿا نظر اچن. جتي صوبي جا ماڻھو ۽ سياسي پارٽيون آپريشن جي حمايت نہ ڪن، اُتي ڪنھن بہ فوج لاءِ آپريشن ڪرڻ تمام ڏکيو ھوندو آھي. ھن آپريشن جي اعلان کانپوءِ اھا ڳالھ بہ واضح ٿي چڪي آھي، ڪي پي ڪي جا ماڻھو اسلام آباد تي ھاڻي اعتبار ئي نٿا ڪن ۽ ملڪ جا ٻہ صوبا تہ اڳ ئي وفاق تي شڪ ڏيکاريندا رھن ٿا مگر ھاڻي ڪي پي ڪي جا ماڻھو بہ سندن حالات جو ذميوار اسلام آباد کي ٿا سمجھن. اگر اھڙين حالتن ۾ زبردستي آپريشن ڪيو ويو تہ انجا نتيجا بھتر نہ نڪرندا.