آئيڊاهو (انٽرسٽنگ نيوز) سيريل رڪارڊ ساز ڊيوڊ رش پاڻيءَ جي بندوق سان 10 خالي سوڊا ڪين ڪيرائي هڪ ٻيو گنيز ورلڊ رڪارڊ پنهنجي نانءُ ڪري ورتو آهي. سندس نالي گنيز ورلڊ رڪارڊز جو تعداد 178 ٿي ويو آهي. آمريڪي رياست آئيڊاهو سان تعلق رکندڙ ڊيوڊ رش جو ٽارگيٽ 181 گنيز ورلڊ رڪارڊ ٺاهڻ آهي،. ڊيوڊ رش جو چون آهي ته گنيز ورلڊ رڪارڊ جي ضابطن موجب کيس هڪ تمام ننڍي پستول جوا ستعمال ڪرڻو هو، جنهن سان سوڊا ڪين ڪيرائڻ لاءِ گھربل طاقت حاصل ڪرڻ ڏکيو هو. هو جيتري زور سان پستول هلائيندو هو، نشانو اوترو ئي خراب ٿي ويندو هو. 10هين واري ۾ هن 5.93 سيڪنڊ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو هو پر هن هڪ ٻي ڪوشش ڪئي ۽ 4.92 سيڪنڊ جو نئون رڪارڊ جوڙي ورتو.