لاهور (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ حمزا شهباز چيو آهي ته پرڏيهي فنڊنگ بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي اصل سازشين کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. هڪ بيان ۾ حمزا شهباز چيو ته آمريڪي سازش جي اوٽ وٺندڙن آمريڪا ۾ پبلڪ رليشن فرم هائير ڪئي آهي. هن چيو ته عمران نيازي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي ازالو نه ٿيڻ جوڳو نقصان پهچايو، جيئن لاهور جلسي لاءِ هاڪي اسٽيڊيم جي ٽرف پٽي وئي ساڳو ئي حال معيشت جو ڪيو. هن چيو ته ذاتي سياسي مفاد لاءِ رياستي ادارن کي بدنام ڪرڻ جي ڪڌي مهم هلائي وئي، عمران عوام جي ذهنن ۾ نفرت جو ٻج پوکيو، پي ٽي آءِ ٽرولز فوج خلاف زهريلي پروپيگنڊا ڪئي.