بيجنگ (م ڊ) چين چيو آهي ته آمريڪا چيني خودمختياري ۽ حاڪميت جو احترام ڪري. چين چيو ته هن  جي ٻيٽ تي آمريڪي جنگي بحري جهاز جو پيڇو ڪيو ويو ۽ ان کي خبردار ڪندي اتان ڪڍيو ويو. چيني فوج موجب اهو آمريڪي بحري جهاز اجازت کانسواءِ غير قانوني طور تي چيني پاڻين ۾ داخل ٿيو هو. بيجنگ آمريڪا کان مطالبو ڪيو آهي ته هو چين جي حاڪميت جي ڀڃڪڙي ڪندي اهڙيون حرڪتون ٻيهر نه ڪري. ڏکڻ چين جي سمنڊ ۾ موجود پاراسل ٻيٽ هڪ مصنوعي ۽ تڪراري ٻيٽ آهي. آمريڪا انهن پاڻين ۾ چين جي حق جي دعوائن کي چيلينج ڪندو رهندو آهي.