ميساچوسٽيس(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ 20 سالن کان لاٽري وٺندڙ همراهه جا نيٺ ڀاڳ کُلي پيا ۽ هو 10 لک ڊالرن جو مالڪ ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ آمريڪي ميڊيا جي ر پورٽن موجب ميساچوسيٽس سان تعلق رکندڙ وليم ليلي جي 10 لک ڊالرن جي لاٽري نڪتي آهي. وليم ليلي جو چوڻ آهي ته آئون روز نڊيل فوڊ مارٽ تان گذريل 20 ورهين کان لاٽري ٽڪيٽ وٺندو رهيو هئس پر هر ڀيري ناڪامي جو منهن ڏسڻو ٿي پيو، پر نيٺ 20 سالن جي صبر جو ڦل مليو ۽ 20 ڊالر جي لاٽري ذريعي 10 لک ڊالر ملي ويا آهن. وليم ليلي انعامي رقم به حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته سندس من پسند اسٽور کي انعامي ٽڪيٽ وڪڻن تي 10 هزار ڊالرن جو بونس پڻ ڏنو ويو آهي.