باربيڊوس (اسپورٽس ڊيسڪ) آمريڪا ۾ سامونڊي طوفان جو خطرو پيد اٿي ويو آهي، جنهن سبب ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فاتح ڀارتي ٽيم بارباڊوس ۾ ڦاسي پئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، بارباڊوس ۾ چوٿين درجي جي طوفان ” بيريل “ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي بارباڊوس جو هوائي اڏو بند ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، اهو ٻيو شديد ترين طوفان آهي، باربيڊوس ۾ ڪرفيو وارو ماحول آهي ۽ ڪنهن کي به ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ناهي. ڪالهه جاري ڪيل وارننگ موجب طوفان جي ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن اندر باربيڊوس جي سامونڊي ڪناري سان ٽڪرائڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي. بارباڊوس ۾ هلڪي برسات جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو ، ڀارتي ٽيم هوٽل اندر موجود رهي ۽ هوٽل جو اسٽاف به تمام گهٽ انگ ۾ موجود هو. آخري اطلاعن موجب ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) بارباڊوس ۾ ڦاٿل ٽيم لاءِ چارٽرڊ فلائيٽ جو بندوبست ڪرڻ جي ڪوششن ۾ هو، مقامي موسميات کاتي موسم جي صورتحال ۽ طوفان جي شدت بابت ايندڙ چويهه ڪلاڪ انتهائي اهم قرار ڏنا ويا آهن.