آمريڪا هٿان پاڪستان کي شڪست: آءِ ايم ايف قرض ڏيڻ لاءِ غور شروع ڪري ڇڏيو: سوشل ميڊيا تي تبصرا

0
20

 پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي آمريڪا هٿان شڪست بعد سوشل ميڊيا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، دلچسپ تبصرا به ڪيا ويا ان سلسلي ۾ سرمد ادل سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو پهريون اَپ سيٽ، آمريڪا پاڪستان کي ھارائي ڇڏيو …ورلڊ ڪلاس بالنگ لائين اپ ماءِ فوٽ، فضل محمد لکيو ته مزو آيو يا نه، شفقت علي لکيو ته اپ سيٽ نٿا چئي سگھون ٻئي ليول جون ٽيمون ھيون، جتي آمريڪا وارن پھرين ميچ ۾ 195 ٺاهرائيو ھيو ۽ ھو مزي سان چيز ڪيائون ھتي  پچ تي اسان وارن همراهن روئي روئي 160 ڪيو، تنھن ڪري ليول جا آھن پاڻ ۾، احمد سومرو لکيو ته رانديگرن جو ڪهڙو ڏوھ، هي ويچارا پنهنجن وڏن جي پاليسيءَ کي ڪيئن پٺي ڏين ها. جيئن سندن وڏا ڪندا هي به ائين ڪندا. تون گهٻراءِ نه، اشوڪ ڪمار لکيو ته ڊالر جو ڪمال آهي، انيل ڪمار لکيو ته چون ٿا فڪس هئي، غلام اصغر ميمڻ لکيو ته پوري پڪ هئي ته ايئن ئي ٿيندو، حسن پنهور لکيو ته پاڪستاني ڪڏهن به شڪست تسليم ناهن ڪندا جڏهن به هارائيندا آھن ته چوندا آھن ته اسان ميچ وڪرو ڪيو وغيره وغيره، حالانڪه وڪامجڻ ۾ شرمساري هئڻ گهرجي نه ڪي هار تسليم ڪرڻ ۾،جڏهن رڪي پونٽنگ جي ڪپتاني ۾ آسٽريليا زمبابوي کان 2007 ع ۾ هارايو هو ته آسٽريلوين شڪست تسليم ڪئي ۽ پنهنجو پاڻ کي شڪست جو ذميوار قرار ڏنو، هيءَ اُوچي هر خواري پنهنجي سِرَ تي کڻندا پر پنهنجون غلطيون نه ڏسندا ۽ نه ئي شڪست تسليم ڪندا. نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي اعظم خان مٿان تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اهڙا جو پهلوان وٺي ويندئو ته ميچ هارائي نه ايندئو باقي هار پائي ايندئو…..پر اهو ته ٻڌايو آمريڪا جي به ڪا ڪرڪيٽ ٽيم آهي ڇا….هي ڪڏهن افغانستان کان ته ڪڏهن آمريڪا کان… هاشم ملاح لکيو ته ميچ آمريڪا کي ڏيڻي ھين، ميچ کٽڻ ھارائڻ ايتري اھم ناھي جيترو آمريڪا کي راضي ۽ خوش رکڻ اھم آھي. لال بخش لغاري لکيو ته سفارش ھجي ته سڀ اگھامي ويندا، پوءِ ميچ ھارائڻ ھنن جو مٿي جو سور ناهي، آر جي راجا لکيو ته ڏاهاڻي کي نه وٺي ويا ايئن ئي خوار ٿيندا، علي ڪامران سهتو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٽي-20 ورلڊ ڪپ: شھباز شريف جي ٽيم کي آمريڪي ٽيم ھٿان دلچسپ مقابلي بعد شڪست، آءِ ايم ايف پاڪستان کي نئون قرض ڏيڻ لاءِ غور شروع ڪري ڇڏيو، اضافي رنسن جو وڌيڪ “بونس” ملندو، زاهد حسين پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ميچ اسان ھارايو ڪاوڙ اوهان کي لڳي پئي، مسئلو ھار ۽ جيت جو ناھي مسئلو خيرات ۽ امداد جو آھي جيڪا اسان کي ملي وئي آھي باقي تنقيد فضول آھي، عابد علي کچي لکيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آمريڪا جهڙي ڪمزور ٽيم کان هارائي ثابت ڪيو آھي ته اسان آمريڪا جا فرمانبردار آھيون ڪڏھن به مالڪن کان نه کٽنداسين، هڪ صارف لکيو ته لڳي ٿو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم رات ميچ هارائي پاڪستان پنهنجو قرض معاف ڪرائيندو.