واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي سينٽ ڪام جي شام ۾ ڪارروائي، القاعده اڳواڻ مارجي ويو،  آمريڪي فوج شام ۾ دهشتگرداڻي ڪارروائي ۾ ملوث القاعده جي هڪ اڳواڻ کي ٽارگيٽ ڪري ماري ڇڏيو، آمريڪي فوج اهڙي ڪارروائي صوبي ادلب ۾ القاعده اڳواڻ ابو حمزه الميني جي موجودگي جي اطلاع تي ڪئي، آمريڪي سينٽ ڪام پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ابو حمزه الميني بابت ٻڌايو ويو ته هو القاعده سان لاڳاپيل گروپ حراس الدين جو اهم عهديدار هو، جڏهن ته ان آمريڪي حملي بعد آمريڪا تي مسلسل تنقيد جاري آهي ته ان حملي سان شهري مارجي ويا آهن، جڏهن ته سينٽ ڪام جو چوڻ آهي ته ابو حمزه الميني اڪيلو موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو هو، ان کانسواءِ ٻيو ڪير به نه مارجي ويو آهي.