ڪابل/واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا افغانستان ۾ داعش ويڙهاڪن تي ڊرون حملو، ڪابل ايئرپورٽ تي حملي جي رٿابندي ڪندڙ کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته فورسز افغان صوبي جي ننگرهار ۾ داعش ويڙهاڪن جي ٺاڪن تي ڊرون حملو ڪيو، حملي ۾ داعش خراسان سان تعلق رکندڙ ڪابل ايئرپورت تي حملي جي منصوبابندي ڪندڙ مارجي ويو، حملي ۾ ڪنهن به عام شهري کي نقصان نه ٿيو آهي. آمريڪي صدر بائيڊن ڪابل ايئرپورٽ تي ڌماڪن بعد داعش خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو، ان سلسلي ۾ پينٽاگون ترجمان جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ آمريڪي فضائي حملي ۾ داعش خراسان جا 2 ميمبر مارجي ويا، هڪ دهشتگرد زخمي ٿيو آهي، ڪابل ايئرپورٽ تي سيڪيورٽي خدشا اڃا برقرار آهن. پينٽاگون ترجمان موجب ڪابل ايئرپورٽ تان هن وقت تائين 5400 آمريڪي جي واپسي مڪمل ٿي چڪي آهي،افغان مشن پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، پينٽاگون موجب آمريڪي فوجين ڪابل ايئرپورٽ تان واپسي شروع ڪري ڇڏي، آمريڪي فوجي ايئرپورٽ جي ٽن دروازن ۽ ٻين حصن تائين هٽي ويا آهن.

 

ڪابل: افغان طالبان آمريڪي ڊرون حملي تي تحفظات جو اظهار ڪري ڇڏيو، طالبان ترجمان ٽي ٽي پي کي پاڪستان  جو اندروني معاملو قرار چيو آهي ته ٽي ٽي پي اسانجو نه پر پاڪستان جو اندروني معاملو آهي، انهن سان جنگ بابت فيصلو ڪرڻ يا حڪمت عملي جوڙڻ پاڪستان، عوام، پاڪستاني عالمن ۽ ديني ڌرين جو ڪم آهي، جيڪڏهن پاڪستان طالبان افغان طالبان جي سربراهه کي تسليم ڪن ٿا ته سندس ڳالهه به مڃڻي پوندي، اسان بار بار واضح ڪري چڪا آهيون ته افغان سرزمين ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪ، افغان سرحد ڊگهي آهي، ڪيترن ئي هنڌن تي اڃا طالبان جي رسائي نه ٿي آهي، حڪومت ٺهڻ بعد ان بابت  باقائده حڪمت عملي جوڙينداسين، جيڪڏهن ڪنهن دهشتگرد تنظيم کي پاڙيسري ملڪ خلاف ڪارروائي ڪندي ڏٺو ويو ته ڪارروائي ڪنداسين. افغانستان ۾ آمريڪي ڊرون حملي بابت طالبان ترجمان چيو آهي ته آمريڪا کي ڊرون حملي کان اڳ آگاهه ڪرڻ گهرجي ها، جيڪڏهن ڪنهن کي دهشتگردي ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي ڪرڻي آهي ته ٻڌائي اسان ڪارروائي ڪنداسين، آمريڪا کي اهڙي قسم جي جوابي ڪارروائي نه ڪرڻ گهربي هئي، اسان اعتراض آمريڪا تائين پهچائي ڇڏيو آهي، طالبان ترجمان چيو ته آمريڪا، برطانيا ۽ يورپي ملڪ سفارتي لاڳاپا برقرار رکن، اسان ڪرنسي ۽ معاشي معاملا حل ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون،  هن چيو ته ڪابل ايئرپورٽ تمام جلد مڪمل طور اسانجي ڪنٽرول ۾ هوندو، ايئرپورٽ هلائن لاءِ ٽيڪنيڪل عملو موجود آهي. هن چيو ته جيڪا داعش شام ۽ عراض ۾ هئي، اها اسان وٽ نه هئي، افغانستان ۾ ڪجهه ماڻهن داعش جو نظريو اپنايو هو، جڏهن آمريڪي فوج نڪري ويندي ته فساد جو وڏو سبب به ختم ٿي ويندو. چين جي بيان تي طالبان ترجمان چيو ته افغانستان ۾ اي ٽي آءِ ايم موجودگي نظر نه ٿي اچي. حڪومت سازي بعد طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو ته حڪومت سازي بابت افغانستان ۾ سياسي، مذمبي اڳواڻن سميت سمورين ڌرين سان مشاورت ڪنداسين، اهڙي حڪومت آڻڻ چاهيون ٿا، جيڪا سڀني کي منظور هجي، ڪنهن به ڌر کي نظرانداز نه ڪيو ويندو، جلد مڪمل ڪابينا جو اعلان ڪيو ويندو، ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڪابل ايئرپورٽ جو به مڪمل ڪنٽرول سنڀالي وٺنداسين، هن چيو ته هن وقت سمورو نظام نگراني طور ڪم ڪري رهيو آهي، ماڻهن جي حفاظت ۽ امن امان پهرين ترجيح آهي، جن وزيرن جي ردوبدل جي ضرورت پئي ته ڪنداسين. پنجشير معاملي تي هن چيو ته اسان کي 60 سيڪڙو اميد آهي ته پنجشير معاملو ڳالهين سان حل ٿي ويندو، عالمن ۽ جهادي اڳواڻن سان مدد وٺي رهيا آهيون، جنگ جي ضرورت نه پوندي، اسان ٻين صوبن ۾ جنگ بنا ڪنٽرول حاصل ڪيو آهي، ان ڪري چاهيون ٿا ته پنجشير  کي به ڪابل جي ڪنٽرول هيٺ آندو وڃي، هن چيو ته جيڪڏهن جنگ ٿي به ته ڊگهي نه هوندي، پنجشير کي چئني طرفن کان طالبان ويڙهاڪن گهيري ورتو آهي. حامد ڪرزئي ۽ عبدالله عبدالله افغانستان ۾ نظربند هجڻ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حامد ڪرزئي ۽ عبدالله عبدالله ٻين افغانين وانگر آزاد آهن، اسان انهن جي حفاظت لاءِ قدم کنيا آهن، کين سموريون سهولتون ميسر آهن، هو پنهنجي مرضي سان هر جڳهه اچي وڃي سگهن ٿا، چاهين ته پرڏيهي به وڃي سگهن ٿا، هن چيو ته اشرف غني سميت سمورن افغانين کي عام معافي ڏني آهي، جيڪڏهن هو واپس وطن اچڻ چاهي ته ان کي ڪوبه اعتراض نه هوندو، امر الله صالح جنگ تان هٿ کڻي وڃي ته ان لاءِ به معافي جو آپشن آهي، ايئن نه ڪيو ته ان لاءِ اسانجو رويو مختلف هوندو. ملا هيبت الله قنڌار ۾ آهي، اميد ته جلد منظر عام تي اچي ويندو.  سي آءِ اي سربراهه ۽ ملا برادر ۾ ملاقات جي حوالي سان ذبيح الله مجاهد چيو ته اسان کي سي آءِ اي سربراهه ۽ ملا برادر ۾ ملاقات جي ڪابه خبر نه آهي، ان خبر جي ترديد ڪريون ٿا. هوڏانهن افغان طالبان ترجمان سهيل شاهين چيو ته ڪابل ايئرپورٽ تي حملو روڪڻ روڪڻ آمريڪا جي ذميواري هئي، طالبان حڪومت ۾ ڪنهن کي حملن جي همت نه هوندي، داعش آمريڪا جي ڊرون حملي بابت تفصيل ناهن. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي طالبان ترجمان سهيل شاهين چيو ته ڪابل ۾ طالبان جي فتح بعد ڪابل ايئرپورٽ تي ماڻهن جي وڏي رش آڻي ماحول پيدا ڪيو ويو ته جيئن دنيا کي ڏيکاري سگهجي ته ماڻهو طالبان کان ڊڄڻ آهن، ملڪ ڇڏڻ چاهين ٿا، اسان اڳ ئي چيو ته ايئرپورٽ تي اڏي رش سيڪيورٽي رسڪ بڻجي سگهي ٿي. هن چيو ته اسانجي پاليسي آهي ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، داعش حملو ڪيو ته ان کي قبول به ڪيو آهي، اسان به حملي جي ذميوارن جي ڳولا ڪري رهيا آهيون ته جيئن انهن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، طالبان ترجمان چو ته31 آگسٽ کان پرڏيهي فوجي نڪرڻ بعد صورتحال ڪنٽرول ۾ اچي ويندي، داعش حملا ڪيا ته ان کي روڪينداسين، دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي نشاندهي ڪري انهن کي ختم ڪنداسين، اسانجي حڪومت ۾ ڪنهن ۾ حملا ڪرڻ جي همت نه هوندي، اسان وٽ طاقت به آهي، تربيت به آهي ۽ پاليسي به آهي. هن چيو ته آمريڪا ۽ طالبان ۾ ڪوبه رابطو نه آهي، رڳو دوحا معاهدو آهي، سهيل شاهين چيو ته ترڪي اسانجو مسلمان ڀائر ملڪ آهي، ممڪن آهي ته ترڪي سان ڪابل ايئرپورٽ جا معاملا هلائڻ بابت معاهدو ڪيو وڃي پر في الحال معاهدي جي خبر ناهي آئي. افغانستان جي عالمي فنڊنگ بند ٿيڻ بابت طالبان ترجمان چيو ته عالمي فنڊنگ افغانين جو حق آهي، فنڊنگ روڪڻ زيادتي آهي، آمريڪا فنڊ جاري ڪري، اسان رقم افغانستان تي خرچ ڪنداسين، وزيراعظم عمران خان جي عالمي برادري کي افغانستان جي مدد لاءِ درخواست سٺو قدم آهي.